آصف علي زرداري نجي جهاز ۾ دبئي پهچي ويو

آصف علي زرداري نجي جهاز ۾ دبئي پهچي ويو

ڪراچي (رپورٽر)اڳوڻو صدر آصف علي زرداري لڳ ڀڳ 5 سالن کانپوءِ گذريل رات دبئي روانو ٿي ويو.ذريعن موجب آصف علي زرداري گذريل رات نجي جهاز ذريعي دبئي روانو ٿي ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف علي زرداري اسلام آباد کان دبئي روانو ٿي ويو آهي.ڪجهه ڏينهن اڳ وزير اعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ آصف علي زرداري سميت 200 کان وڌيڪ نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جي منظوري ڏني وئي هئي. ياد رهي ته ڊسمبر 2018ع ۾ وفاقي ڪابينا اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سميت 172 ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو