سوشل فورم پاران پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريلي

سوشل فورم پاران پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريلي

دادو(رپورٽ عزيزالله خاصخيلي) دادو سوشل فورم طرفان پاڪ فوج جي حمايت ۾ سردار رجب خان شاھاڻي ،ساجد مستوئي ،نور محمد جويو جي اڳواڻي ۾ دادو پريس ڪلب اڳيان ريلي ڪڍي وئي ريلي شھر جي مختلف چوراھن کان ٿيندي دادو پريس ڪلب پھتي جنھن ۾ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪ فوج ملڪ جي بقا ۽ سلامتي لاء ڏينھن رات پنھنجي جانين جي پرواھ نه ڪندي ملڪ جي حفاظت ۾ پنھنجي جانين جا نذرانه ڏنا آھن پاڪستان ۾ ڪٿي به ايمرجنسي ٿئي ٿي ته اتي پاڪ فوج مدد لاء پھريان پھچي ٿي اسان جو ملڪ اڄ آزاد آھي ته ان ۾ پاڪ فوج جي شھيد جوانن جو رت شامل آھي پاڪ فوج سياست کان الگ آھي اسان کي پاڪستان جي آرمي تي فخر آھي اسين پنھنجي ملڪ لاء پاڪ آرمي لاء پنھنجون جانيون قربان ڪرڻ لاء تيار آھيون پاڪستان آھي ته اسين سڀ آھيون پاڪستان آرمي لاء محبت جو جذبو ھر پاڪستاني جي رڳ رڳ ۾ شامل آھي خدا جو شڪر آھي اسين سڀ پاڪستاني اڄ آزاد ملڪ ۾ رھون ٿا جنھن ملڪ جا محافظ پاڪ فوج جي صورت ۾ اسان جا بھادر جوان موجود آھن جيڪي سرحدن توڙي ملڪ جي چپي چپي تي ملڪ جي حفاظت ڪن ٿا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو