مٺياڻي(ن سنڌيار)اڳي بي عوامي طاقت سان مٺياڻي ٽائون ڪلين سئيپ ڪئي هئي هاڻي بي مخالفن کي شڪست ئي نصيب ٿيندي (محمد بخش چانڊيو اڳوڻو ٽائون چيئرمين ٽائون ڪاميٽي مٺياڻي) ٽائون ڪاميٽي مٺياڻي جي اڳوڻي چيئرمين پاڪسان پيپلز پارٽي اڳواڻ محمد بخش چانڊيو سينئر صحافي منظور ملڪ سان ويچار ونڊيندي چيو ته ٽائون ڪاميٽي مٺياڻي ۾ پنهنجي چيئرميني جي دور ۾ مون رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا هر وارڊ ۽ هر محلي ۾ ترقياتي ڪم ٿيا آھن ان کان اڳ مٺياڻي يونين ڪائونسل هوندي هئي وڏي آبادي واري شھر کي ڄاڻي واڻي نظر انداز ڪيو ويندو هيو ۽ مٺياڻي توڙي آسپاس جي ڳوٺن جي حالت تمام خراب هوندي هئي مٺياڻي شھر جي روڊ توڙي آسپاس جي ڳوٺن جي رستن جي حالت بي تمام خراب هوندي هئي ،مٺياڻي شھر ۾ برساتي پاڻي نيڪال جو بي ڪو بندوبست ڪون هوندو هيو جڏهن بي برسات پوندي هئي ته مٺياڻي شھر جو مکيه روڊ ڪيترائي ڏينهن برساتي پاڻي ۾ ٻڏل هوندو هو جنهن جي ڪري دوڪاندارن ۽ واپارين توڙي شھر ۾ ڪم ڪار سانگي اچڻ وارن ماڻھن کي وڏي تڪليف کي منهن ڏيڻو پوندو هيو پر ايم پي اي ممتاز علي چانڊيو جي ڪوششن سان 2016 ۾ مٺياڻي يونين ڪائونسل مان اٺن وارڊن تي ٽائون ڪاميٽي منظور ڪرائي مٺياڻي جي ماڻھن کي وڏي تحفي سان نوازيو ويو، ٽائون ڪاميٽي جو درجو ملڻ کان پوئي مٺياڻي جي ماڻھن گذريل بلديات واري اليڪشن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوارن تي ڀرپور اعتماد ڪيو ۽ مخالفن کي بري شڪست ملي ،ٽائون ڪاميٽي کٽي اچڻ کان پوئي شهر جو مين روڊ اسان ٺھرايو ۽ شھر جي برسات جي پاڻي جي نيڪال لائي شھر۾ مين نالو ٺھرايو ويو ،مٺياڻي شھر ۾ اسٽريٽ لائٽس لڳرايون ويون ۽ ٽائون ڪاميٽي مٺياڻي جي هر محلي ۾ ڊرينيج جو نظام درست ڪيو ويو هر محلي جي گلين ۾ سرن جا پڪا رستا ٺھرايا ويا ۽ مختلف ڳوٺن ۾ روڊ بي ٺھرايا ويا هر محلي ۾ صفائي سٿرائي ڪرائي وئي ،مٺياڻي اسپتال کي اپ گريڊ ڪيو ويو هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي ۽ هن ڀيري بي عوام جي خدمت جي جذبي سان ٽائون ڪاميٽي مٺياڻي جا منتخب ٿيل اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندا ۽ ٽائون مٺياڻي وري ڪلين سئيپ ڪندي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي مخالفن کي شڪست کان سواء ڪجھ بي نصيب نه ٿيندو










