اسلام آباد: (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان توشه خانه کان ملندڙ تحفا 14 ڪروڙ روپين ۾ دبئي ۾ وڪرو ڪيا. شهباز شريف وزيراعظم هائوس ۾ سينئر صحافين سان ملاقات دوران چيو ته عمران خان توشه خانه مان تحفا کڻي پرڏيهه ۾ وڪرو ڪيا آهن.وزيراعظم وڪرو ڪيل تحفن جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته عمران خان اهي تحفا 14 ڪروڙ روپين ۾ دبئي ۾ وڪرو ڪيا. قيمتي تحفن ۾ ڊائمنڊ جيولري، بريسلٽ، گهڙيون ۽ سيٽ شامل آهن. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته مون کي به هڪ هار ۽ گهڙي تحفي ۾ مليا هئا جنهن کي مون توشه خانه ۾ جمع ڪرايو هو. مون کي ڪجهه به لڪائڻ جي ضرورت نه آهي.حمزه شهباز کي پنجاب جو وڏو وزير بنائڻ بابت صحافين جي سوال تي شهباز شريف چيو ته پنجاب جي وڏي وزير جي آفر ان کان اڳ پرويز الاهي کي ڏني وئي هئي هن اها آفر قبول به ڪئي هئي ٻنهي طرفان هڪ ٻئي کي مٺايون به کارايون ويون هيون پر ان باوجود پرويز الاهي ڀڄي ويو جنهن سبب اسان وٽ ٻيو ڪوبه آپشن نه بچيو هو.حمزه شهباز کي پنجاب جو وڏو وزير بنائڻ جو فيصلو منهنجو نه پر پارٽي ۽ اپوزيشن اتحاد جو هو ڇو ته اپوزيشن جو موقف هو ته پنجاب ۾ ڪو اهڙو ماڻهو وڏو وزير هجي جيڪو ڊليور ڪري سگهي. سڀني گڏيل طور تي حمزه شهباز کي نامزد ڪيو آهي.
مشهور خبرون










