سنڌ جا سڀ مسئلا ترجيحي بنياد تي حل ڪبا، وزيراعظم

سنڌ جا سڀ مسئلا ترجيحي بنياد تي حل ڪبا، وزيراعظم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي تڏهن ٿيندي جڏهن سمورا صوبا ترقي ڪندا، ملڪ ۾ بيروزگاري، مهانگائي ۽ ٻيا مسئلا آهن، اسان کي انهن کي حل ڪرڻو پوندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي پهرين هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهتل آهي، هو خصوصي جهاز ۾ فيصل ايئر بيس پهتو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پوري ڪابينا سميت سندس آڌر ڀاءُ ڪيو.

Photo CM House

جنهن بعد هو هيليڪاپٽر ذريعي قائد اعظم جي مزار تي پهتا، فاتحه ري گلن جي چادر چاڙهڻ بعد هو سي ايم هائوس پهتو جتي سيد مراد علي شاهه کيس سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پارايو. ٻنهي جي ون ٽو ون ملاقات بعد
Photo Twitter

ڪراچي جي ترقياتي پيڪيج بابت اهم اجلاس جي وزيراعظم ۽ وڏي وزير گڏيل صدارت ڪئي. وزيراعظم سان گڏ خالد مقبول صديقي، مسلم ليگ ن جا اڳواڻ شاهد خاقان عباسي، مريم اورنگزيب ۽ مفتاح اسماعيل به موجود هئا. مزار قائد تي حاضري کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف وزيراعليٰ هائوس سنڌ پهتو، جتي نئين چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت سندس آجيان ڪئي. وڏي وزير وزيراعظم کي سنڌ حڪومت جي ميگا پراجيڪٽس بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم يقين ڏياريو ته وفاقي حڪومت صوبن جا خدشا دور ڪندي، هن وڌيڪ چيو ته هو معاشي صورتحال جو جائزو وٺي رهيو آهي. اجلاس کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ۽ سنڌ جي ترقياتي پروگرامن سميت مختلف معاملن تي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال، مفتاح اسماعيل، اڪرم دراني، مريم اورنگزيب، خالد مقبول صديقي، خواجا اظهر، ڪنور نويد ۽ مولانا اسد محمود شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چيئرمين واپڊا، چيئرمين ريلوي، چيئرمين اين ڊي ايم اي ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عهدو سنڀالڻ کانپوءِ سنڌ جو دورو ۽ مزار قائد تي حاضري تي خوشي ٿي، اسانکي گڏجي هن ملڪ کي خوشحال ۽ پرامن بڻائڻو آهي. وزيراعظم چيو ته 10 اپريل پاڪستان جي تاريخ جو وڏو ڏينهن هو، 10 اپريل آئين جي فتح هئي، دھاندلي واري حڪومت جو خاتمو ٿيو، پاڪستان جي ترقي تڏهن ٿيندي جڏهن سمورا صوبا ترقي ڪندا، بيروزگاري، مهانگائي ۽ ٻيا مسئلا ختم ٿيندا. سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان موجب وڏي وزير وزيراعظم کي سنڌ جي مسئلن کان آگاهه ڪيو ۽ کيس توانائي منصوبن سميت ڪراچي ٽرانسفارميشن تي بريفنگ ڏني.ترجمان چيو ته وزيراعظم کي ڪراچي جي 3 اسپتالن جي ڪنٽرول ۽ پاڻي جي مسئلن تي به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ ماس ٽرانزٽ، ڪراچي سرڪلر ريلوي ۽ پاڻي جا منصوبا شامل آهن. سنڌ جي وڏي وزير وزيراعظم کي درخواست ڪئي ته ڪي سي آر کي سي پيڪ تحت تعمير ڪرايو وڃي. وزيراعظم وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته ڪي سي آر کي سي پيڪ تحت واپس آڻينداسين. وزيراعظم ڪي فور منصوبي کي 2024ع تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي چيئرمين واپڊا وزيراعظم کي ڪي فور منصوبي تي بريفنگ ڏني، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته 126 ارب رپين جي لاڳت سان 260 ايم جي ڊي جو منصوبو آهي، جيڪو واپڊا ٺاهي رهيو آهي.
Photo CM Sindh

وزيراعظم سنڌ جي وڏي وزير جي درخواست تي ڪي ايف او فنڊ فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ واپڊا چيئرمين کي ڪي ايف او پروجيڪٽ 2024ع تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم بي آر ٽي بسن جي خريداري ۾ وفاق جي سهڪار جي خاطري ڪرائي. سنڌ جي وڏي وزير وزيراعظم شهباز شريف کي بي آر ٽي منصوبن بابت به آگاهه ڪيو. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ريڊ لائين بي آر ٽي سسٽم شروع ڪري رهي آهي، بي آر ٽي ريڊ لائين لاءِ 250 بائيو هائبرڊ بسون خريد ڪيون وينديون، بي آر ٽي ريڊ لائين تي روزانو 3 لک 50 هزار مسافر سفر ڪندا، منصوبو 22.5 ڪلوميٽرن تي مشتمل هوندو ۽ 23 اسٽيشنون هونديون. بريفنگ ۾ سنڌ جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته هتي 208 شيلٽرز ۽ 2 بس ڊپو هوندا، بي آر ٽي ريڊ لائين جا ٽينڊر جاري ڪيا ويا آهن ۽ ان تي جلد ڪم ڪيو ويندو، بي آر ٽي يلو لائين 17.6 ڪلوميٽر ٿيندي، منصوبي جي شروعات 2016ع سان ٿي. ورلڊ بئنڪ جي تعاون سان ڪنسلٽنٽ ڪم ڪري پيو. وڏي وزير، وزيراعظم کي بسن جي خريداري جي قيمت جو 50 سيڪڙو ادا ڪرڻ جي درخواست ڪئي، وڏي وزير چيو ته بي آر ٽي منصوبي لاءِ 2000 اليڪٽرڪ بسون خريد ڪيون وينديون، انهن بسن جي خريداري تي 108 ارب رپيا لاڳت ايندي، وفاقي حڪومت بسن جي خريداري تي سنڌ حڪومت سان ڀرپور سهڪار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته 165.7 بلين رپين جي لاڳت سان حيدرآباد-سکر موٽر وي جي منظوري ڏني وئي آهي، اهو 306 ڪلوميٽر ڊگهو ۽ 6 لين ويڪرو روڊ هوندو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت 2017ع ۾ ڄامشورو، سيوهڻ روڊ لاءِ 7 ارب رپيا ادا ڪيا هئا، اهو روڊ اڃا تائين مڪمل ناهي ٿيو، جنهن تي وزيراعظم اين ايڇ اي کي هدايت ڪئي ته ڄامشورو، حيدرآباد روڊ تي ڪم تيز ڪيو وڃي.مراد علي شاهه چيو ته سال 22-2021ع ۾ سنڌ کي 419.7 ارب رپين جون 103 اسڪيمون ڏنيون ويون، جڏهن ته پنجاب کي 177 اسڪيمون 22-2021ع ۾ 1200 ارب رپين جون ڏنيون ويون. خيبرپختونخواهه کي 1900 ارب رپين جون 127 اسڪيمون ڏنيون ويون، سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، سنڌ حڪومت نئين مالي سال لاءِ 25 نيون اسڪيمون وفاق کي موڪلي ڇڏيون آهن. سنڌ جي وڏي وزير وزيراعظم کي ڪراچي جي 3 وڏين اسپتالن بابت به بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته جناح اسپتال، ڪارڊيو ۽ چلڊرن اسپتال 2011ع ۾ سنڌ حڪومت کي ڏنيون ويون، سنڌ حڪومت 2011ع کان اين آءِ سي ايڇ کي اپ گريڊ ڪيو آهي، اين آءِ سي وي ڊي ۽ جناح اسپتال کي به اپ گريڊ ڪيو ويو آهي. جناح اسپتال ۾ ڪينسر جو علاج به مفت ڪيو ويندو آهي. ڪراچي جي دوري جي ٽئين مرحلي ۾ وزيراعظم شهباز شريف حڪمران اتحاد ۾ شامل پنهنجي اهم ساٿي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي قيادت سان گڏ بهادر آباد ۾ پارٽي جي مرڪزي آفيس جو دورو پڻ ڪندو، جنهن کانپوءِ وزيراعظم اڄ شام اسلام آباد واپس روانو ٿيندو. سنڌ جي وڏي وزير جي درخواست تي وزيراعظم نئين سال جي پي ايس ڊي پي ۾ سنڌ جي ترقياتي منصوبن کي شامل ڪرڻ جو يقين ڏياريو.

پهنجو تبصرو موڪليو