لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي وڏي وزير خلاف حمزه شهباز پاران چونڊون ڪرائڻ خلاف داخل درخواست تي اعتراض واري ڇڏيا آهن. پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حمزه شهباز ان حوالي سان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن ۾ اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ آءِ جي پنجاب کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير جو عهدو خالي آهي، جلد کان جلد چونڊون ڪرايون وڃن.درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سيڪريٽري اسيمبلي ۽ انتظامي آفيسر پرويز الاهي جي غير قانوني حڪمن تي عمل ڪري رهيا آهن، پنجاب اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ ۾ غير ضروري دير ڪئي وئي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته آئين جي آرٽيڪل 130 تحت وڏي وزير جي چونڊ تائين اسيمبلي جو اجلاس ملتوي نٿو ڪري سگهجي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جن ماڻهن کي ڌر بڻايو ويو آهي اهي فرض نڀائڻ ۾ ناڪام ويا آهن، ان ڪري عدالت جلد حڪم جاري ڪري چونڊ کي ممڪن بڻائي. لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ حمزه شهباز جي درخواست تي اعتراض واريندي چيو آهي ته آرٽيڪل 69 تحت اسيمبلي جي ڪارروائي لاهور هاءِ ڪورٽ ڏانهن نه ٿي موڪلي سگهجي. چيف جسٽس عامر ڀٽي اڄ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اعتراضن جي ٻڌڻي ڪندو.










