ڪراچي (رپورٽر) وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿي گذريو رمضان المبارڪ دوران شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي واري نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ وڌيڪ موثر قدم کنيا وڃن. وائيس چيئرمين واٽر بورڊ تفصيل موجب وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم جي صدارت هيٺ چيئرمين سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿي گذريو، اجلاس ۾ ڊپٽي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ٽيڪنيڪل سروسز ڪراچي واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان، چيف انجنيئر بلڪ سڪندر زرداري، چيف انجنيئر واٽر حنيف بلوچ، اسٽاف آفيسر ٽو وائيس چيئرمين نديم ڪرماڻي، پرسنل سيڪريٽري آغا سعيد سميت سمورن سپرنٽينڊنٽ ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئرن شرڪت ڪئي، اجلاس جي صدارت ڪندي وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سمورن چيف انجنيئرز، سپرنٽينڊنٽ ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئرز کي حڪم جاري ڪندي چيو تہ رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني دوران شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي واري نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ موثر قدم کنيا وڃن، اجلاس جي موقعي تي آفيسرن کي خطاب ڪندي ڊي ايم ڊي ٽيڪنيڪل سروسز ڪراچي واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان چيو تہ رمضان المبارڪ جي موقعي تي هر جمعي تي چيئرمين سيڪريٽريٽ ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ تمام چيف انجنيئرز ۽ سپرنٽينڊنٽ انجنيئرز پنهنجي شرڪت کي يقيني بڻائين تہ جيئن شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي وارن مسئلن جي فوري حل لاءِ جامع پاليسي جوڙي وڃي، ان موقعي تي وائيس چيئرمين واٽر بورڊ جو چوڻ هو تہ سنڌ حڪومت ۽ مڪاني ادارن واري صوبائي وزي سيد ناصر حسين شاھ جي هدايتن تي عملدرآمد ڪندي واٽر بورڊ عملو شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي بهتر سهولتن جي فراهمي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي.










