پ پ شموليت معاملو،فياض چوهاڻ جو عمران خان سان گڏ بيهڻ جو اعلان

پ پ شموليت معاملو،فياض چوهاڻ جو عمران خان سان گڏ بيهڻ جو اعلان

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اڳوڻي جيل واري وزير فياض الحسن چوهاڻ پيپلز پارٽي ۾ شموليت جي خبرن تي ردعمل ڏنو آهي ته فياض چوهاڻ پ پ ۾ شموليت جي خبر سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي شيئر ڪندي ان کي جعلي قرار ڏيندي وزيراعظم جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو.فياض الحسن پنهنجي تحرير ۾ شاعراڻي انداز ۾ لکيو آهي ته:
‘صلح ہو کہ جنگ ہو عمران خان کے سنگ ہو’
‘‏سب ہمیں پسند ہے خون ہو کہ رنگ ہو’
هن چيو ته مان پنهنجي ليڊر عمران خان سان سٺي ۽ خراب وقت ۾ گڏ هئس ۽ هميشه پنهنجي قائد سان گڏ ويندس. فياض چوهاڻ خانگي ٽي وي چينل تي نشر ٿيڻ واري خبر جي ترديد ڪندي چيو ته خبر ۾ ڪا به سچائي ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو