بدين (رپورٽ مرتضي ميمڻ)سنڌ جي هارين تي ظلم نامنظور، سنڌي هاري تحريڪ طرفان اعلانيل سيمينارن جي سلسلي ۾ “ايڪويهين صدي ۾ سنڌ جي هارين جي صورتحال” جي عنوان تي بدين پريس ڪلب هال ۾ سيمينار مرڪزي صدر جي صدارت ۾ ٿيو جنهن کي سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري جنرل سيڪريٽري اسماعيل خاصخيلي هاري اڳواڻ انور رند عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ جاکرو نوحاڻي مهراڻ درس ضلع صدر ايڊووڪيٽ بشير ٽالپر ڌڻي بخش نوحاڻي هميرو مل سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳواڻ دلدار نوحاڻي ۽ ٻين اديبن، دانشورن صحافين ۽ هاري اڳواڻن سيمينار کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري سنڌي عوام کي ڏڪار جي حوالي ڪيو ويو آهي. هڪڙي پاسي پاڻي تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن ته ٻئي طرف وري ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري مارڪيٽ ۾ نقلي زرعي دوائن جي ڪمپنين کي ڇوٽ ڏئي سنڌ جي زراعت کي ڪاپاري ڌڪ هنيو ويو آهي. حڪمرانن جي اهڙين عوام دشمن پاليسين سبب سنڌ جو هاري تمام گهڻو ڀوڳي رهيو آهي. سنڌي هارين جي صورتحال غلامي واري زماني کان به بدتر ڪئي وئي آهي. تعليمي ادارن ۾ فين ۾ واڌ ڪري هارين جي ٻارڙن کي يونيورسٽين کان نيڪالي ڏني پئي وڃي










