اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ملڪ جي سياسي منظر نامي ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، مسلم ليگ (ن) ۽ مسلم ليگ (ق) جي ٽاپ قيادت سان رابطا ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ميان نواز شريف پنجاب جي وڏ وزارت پرويز الاهي کي ڏيڻ جي حامي ڀري آهي ۽ نواز شريف جو اهو پيغام کيس پهچائڻ لاءِ مسلم ليگ ن جو اعليٰ سطحي وفد اڄ شام مسلم ليگ ق جي قيادت سان ملاقات ڪندو، ملاقات اڄ شام اسلام آباد ۾ چوڌري ڀائرن جي رهائشگاهه تي ٿيندي. چوڌري شجاعت حسين اڳ ۾ ئي اسلام آباد ۾ موجود آهي پرويز الاهي، مونس الاهي ۽ طارق بسير چيمه به پهچي ويا آهن. مسلم ليگ نون جو وفد ميان شهباز شريف جي اڳواني ۾ ويندو، جنهن ۾ اياز صادق، خواجا آصف، سعد رفيق، مريم اورنگزيب ۽ بيا شامل هوندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ (ن) پرويز الاهي کي پنجاب جو وڏو وزير بنائڻ لاءِ تيار نه هئي جنهن تي آصف علي زرداري عدم اعتماد کان ڌار ٿيڻ جي ڌمڪي به ڏني هئي، جنهن بعد نون ليگ پرويز الاهي سان ملاقات جو فيصلو ڪيو آهي.










