جيالن جو پنهنجي ئي حڪومت خلاف احتجاج

جيالن جو پنهنجي ئي حڪومت خلاف احتجاج

ڪراچي( باغي ساگر پنھوار)سينٽرل ضلعي ۾ پيپلز پارٽي جي جيالن پنهنجي ئي حڪومت خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ۾ پيپلز ليبر يونين جي ورڪر به شامل هئا جن پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ نعرا به هنيا. مظاھرين جي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر به هئا جن تي مطالبا لکيل هئا. مظاھري ۾ وڏي انگ ۾ مردن توڙي عورتن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مظاھري کي خطاب ڪندي ضلعي سينترل جي پيپلز ليبر يونين جي صدر محمد علي بلوچ چيو ته اسان کي پنهنجي پگهار وقت تي نٿي ملي. پگهارن ۾ 20 سيڪڙو واڌ تي عمل ناهي ڪيو ويو، مهانگائي جي هن ماحول ۾ گهر جو گذارو نٿو ٿئي.  هن چيو ته ڪرپشن عروج تي آهي ان کي ڪير به روڪڻ وارو ناھي ڪرپشن کي ختم ڪري اسان جا جائز مطالبا تسليم ڪيا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو