ڪراچي(ويب ڊيسڪ)واٽس ايپ هاڻي پنهنجي ويب ۽ ڊيسڪ ٽاپ ورشن لاءِ ملٽي ڊيوائس سپورٽ فيچر ۾ اهم اپڊيٽ جو اعلان ڪيو آهي. في الحال بيٽا ورزن ۾ صارفين کي هن فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ فون جي ضرورت آهي پر هاڻي اها تبديلي ٿيڻ واري آهي. صارفين هاڻي4 مختلف ڊوائيسز تي هڪ ئي اڪائونٽ تان بنا فون WhatsApp تائين رسائي حاصل ڪرڻ جي قابل هوندا. هڪ لحاذ کان ڏٺو وڃي ته فون سميت پنج ڊيوائيس هڪ وقت هڪ اڪائونٽ تي هلندا. واٽس اپ اپڊيٽ ٽريڪنگ سائيٽ WABetaInfo جي مطابق، ميسيجنگ ايپ کي هڪ اپڊيٽ ملي آهي جيڪا ملٽي ڊيوائس فيچر کي وڌائي ٿي. اپڊيٽ ٿيڻ کان پوءِ، بيٽا ورشن استعمال ڪندڙ صارفين ويب، ڊيسڪ ٽاپ يا ٻين ڊوائيسن تي فون کي آن لائن رکڻ جي بغير واٽس ايپ استعمال ڪري سگهندا.










