مانجهند(رپورٽ مهراڻ عمراڻي) لاکا شھر جي واٽر سپلاء اسڪيم جو تعميراتي ڪم مڪمل نه ٿيڻ خلاف ايس يو پي ڪارڪنن جو تعلقي صدر علي نواز ڪنڀر اصغر ميمڻ شھباز ميمڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهلي سبب واٽر سپلاء جو ڪم ٽن سالن کان رولڙي جو شڪار آھي ٺيڪيدار ڪم اڌورو ڇڏي غائب ٿي ويو آھي جنهن سبب ڳوٺاڻن کي پيئڻ جي پاڻي جي سخت مشڪلات پيش اچي ٿي هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ت فوري طور اسڪيم مڪمل ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ انڊس هاء وي تي ڌرڻو هنيو ويندو۔










