نوجوان بالي ووڊ هيروئن ڪار حادثي ۾ دوست سميت فوت

نوجوان بالي ووڊ هيروئن ڪار حادثي ۾ دوست سميت فوت

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڏکڻ هندستان جي تامل فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪارا گايتري عرف ڊولي ڊي ڪروز 26 سالن جي عمر ۾ خطرناڪ ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿي وئي. ڀارتي ميڊيا موجب ڊولي هولي ملهائڻ کانپوءِ دوست سان گڏ گهر واپس وڃي رهي هئي ته تيز رفتار ڪار جو ڊرائيور ڪنٽرول وڃائي ويهي رهيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار روڊ جي ڪناري سان ٽڪرائجي ڪلٽي ٿي وئي. اداڪارا کي اسپتال پهچايو ويو پر ڊاڪٽرن چيو ته هوءَ فوت ٿي چڪي آهي. رپورٽن مطابق ڊولي جي دوست، 38 سالن جي عورت، پڻ موقعي تي فوت ٿي وئي.  گايتري جو اصل نالو ڊولي ڊي ڪروز هو، هن پنهنجي يوٽيوب چينل ’جلسا رائيڊو‘ ۽ انسٽاگرام تي پوسٽن ذريعي شهرت حاصل ڪئي. بعد ۾ کيس ويب سيريز ’ميڊم سر ميڊم اَنٿي‘ ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکارڻ جو موقعو مليو، جنهن سبب سندس مقبوليت وڌي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو