دادو(ن سنڌيار) پ پ پ اڳواڻ ضياء لنجار پاران اڳوڻي برک سياستدان مرحوم غلام مصطفىٰ جتوئي خلاف پنهنجي تقرير ۾ نازيبا لفظ استعمال ڪرڻ خلاف دادو تعلقه جي جتوئي برادري سراپا احتجاج بڻيل دادو پريس ڪلب اڳيان ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي مظاهرو ڌرڻو هنيو ان موقعي تي مظاھرين فاروق جتوئي , صدام جتوئي , شريف جتوئي , امداد جتوئي ,مير محمد جتوئي , واحد جتوئي ۽ ٻبن ميڊيا سامهون دانھيو ته ايم آر ڊي جي ھيرو اڳواڻ مرحوم غلام مصطفىٰ جتوئي خلاف موري ۾ پ پ اڳواڻ ضياء لنجار تقرير ۾ بداخلاقي ڪئي جنهن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ انصاف جي گھر ڪريون ٿا اگر حڪومت نوٽيس نه ورتو ته پوري ملڪ ۽ سنڌ اندر جتوئي برادري پاران احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو ۽ پ پ اڳواڻ ضياء لنجار جي گرفتاري تائين احتجاجي تحريڪ جاري رھندي










