فراڊ ڪيس، سونا ڪشي سنها جا ناقابل ضمانت وارنٽ جاري

فراڊ ڪيس، سونا ڪشي سنها جا ناقابل ضمانت وارنٽ جاري

ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا ۽ سياستدان شروتي گانڌي سنها جي ڌيءَ اداڪارا سوناڪشي سنها جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب اداڪارا مبينا طور تي دهلي ۾ هڪ ايونٽ آرگنائيزر کان تقريب لاءِ 3.7 ملين رپيا وصول ڪيا پر پوءِ تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ تي معذرت ڪري ڇڏي. رپورٽ موجب آرگنائيزر پرمود شرما مراد آباد جو رهواسي آهي جنهن هڪ تقريب منعقد ڪئي جنهن ۾ سوناڪشي سنها کي خاص مهمان طور دعوت ڏني پرمود شرما چيو ته هن سوناڪشي کي 3.7 ملين روپيا ايڊوانس ڏنو هو. بهرحال، اداڪارا تقريب ۾ شرڪت نه ڪري سگهي، جنهن کان پوء مود شرما کانئس پئسا واپس گهريا. ايونٽ آرگنائيزر الزام هنيو ته اداڪارا جي مئنيجر رقم واپس ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، سوناڪشي سان بار بار رابطو ڪرڻ تي به ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ۽ هن اداڪارا خلاف فراڊ جو ڪيس داخل ڪرايو. ٻڌايو پيو وڃي ته سوناڪشي سنها ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ مبينا طور تي مراد آباد آئي ۽ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو، جنهن کانپوءِ اداڪاره منظر تان غائب ٿي وئي ۽ عدالت جي طلبي تي به نه آئي، جنهن بعد کيس گرفتاري جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو