ڪراچي(ويب ڊيسڪ)فلم جي مداحن جو ڊگهو انتظار ختم ٿي ويو آهي ۽ شمعون عباسي ۽ عائشه عمر جي ايندڙ ايڪشن ٿرلر فلم ”ڍائي چال“ جو پهريون ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي.”ڍائي چال“ ٺاهڻ جو اعلان ٽي سال اڳ 2019 ۾ ڪيو ويو هو ۽ 2020 جي پهرين ٽه ماهي ۾ رليز ٿيڻ جو امڪان هو، پر ڪووڊ سبب ائين نه ٿيو. مسلسل دير کانپوءِ هاڻي فلم جو پهريون ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي ۽ اشارو ڏنو ويو آهي ته اها جون 2022 ۾ رليز ڪئي ويندي. هدايتڪار تيمور شيرازي جي فلم جي ڪهاڻي فرحين چوڌري لکي آهي جڏهن ته ان کي ڊاڪٽر عرفان اشرف پروڊيوس ڪيو آهي. همايون اشرف، عائشه عمر، شمعون عباسي، عدنان شاهه ٽيپو، سليم معراج، عريض چوڌري ۽ راشد ناز سميت ٻين اداڪارن تي ٻڌل فلم جو ٽريلر ٻڌائي ٿو ته فلم جي ڪهاڻي پاڪستان ۾ ڀارتي مداخلت ۽ دهشتگردي جي چوڌاري گهمي ٿي. فلم جي ٽريلر ۾ مکيه ڪردارن کي ڳالهائيندي ڏيکاريو ويو آهي ته ڀارت کي جڏهن به پنهنجا ناپاڪ مقصد حاصل ڪرڻا هوندا آهن ته هو پنهنجن ئي شهرين کي ماريندو آهي ۽ ان جو الزام پاڪستان تي مڙهيندو آهي. فلم ۾ واضح طور تي هڪ گڏيل هندستان جي پيروي ڪندڙ ڪردارن کي پڻ ڏيکاريو ويو آهي جيڪي ڪشمير تان پاڪستان جو ڌيان هٽائڻ لاءِ بلوچستان جي صورتحال کي بگاڙي رهيا آهن. عائشا عمر کي صحافي جي روپ ۾ ڏيکاريو ويو آهي ۽ اشارو ڏنو ويو آهي ته 17 جون تي فلم رليز ٿيندي.










