ڪئيو(ويب ڊيسڪ) يوڪرين جي صدر ولاديميئر زيلنسڪي پنهنجي وطن جو دفاع جاري رکڻ جو اعلان ڪندي روس پاران بيلا روس ۾ ڳالهين جي آڇ رد ڪندي چيو آهي ته اهو ملڪ دشمن سان گڏ آهي ۽ اسان خلاف حملن ۾ استعمال ٿي رهيو آهي. هن چيو ته هو پولينڊ جي شهر وارسا ۾ ڳالهين لاءِ تيار آهي.ٻئي پاسي روسي فوج جي بمباري جاري آهي، ڪئيو جي لڳ تيل جو ڊپو تباهه ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ يوڪريني صدر عام شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو زمين اندر ٺاهيل مورچن ۾ رهن، ٻاهر نه اچن، ڇو ته روسي فوج گادي واري شهر تي حملا شروع ڪيا اهن، اسين مزاحمت ڪري رهيا آهيون. يوڪرين جي دفاع واري وزير جو چوڻ آهي ته اهي ڪٿي آهن جيڪي چون پيا ته ٻن ڪلاڪن ۾ ڪئيو تي قبضو ڪري وٺنداسين. هن چيو ته شهر جي مک سڙڪ تان روسي فوج کي اسين پسپا ڪيو آهي، يوڪريني فوج تاريخي جنگ وڙهي رهي آهي. هوڏانهن اطلاع آهن ته روسي فوج يوڪرين جي ٻئي وڏي شهر خارخيو ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جتي آئل ڊپو تي حملو ڪيو آهي جنهن ۾ باهه لڳڻ سبب زهريلو دونهون اٿي رهيو آهي، يوڪريني حڪومت شهرين کي در دريون بند رکڻ جي اپيل ڪئي آهي. خارخيو جي فوجي اڏي تي پڻ روسي فوج قبضو ڪيو آهي. يوڪريني دفاع واري وزير چيو آهي ته شهري انڊر گرائونڊ مورچن مان ٻاهر نه اچن. زير زمين مورچن ۾ ڪيترين يوڪريني ڳورهارين عورتن ٻارن کي جنم به ڏنو آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ ۾ يوڪرين ۽ روسي قيادت ۾ ڳالهين لاءِ رابطو به ٿيو هو، روس، بيلاروس جي گادي واري شهر منسڪ ۾ ڳالهين لاءِ تجويز پيش ڪئي هئي، جڏهن ته يوڪرين پولينڊ جي گادي واري شهر وارسا ۾ ڳالهين جو چيو هو، ڇو ته بيلاروس جي سرزمين روس يوڪرين تي حملن لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي.يوڪرين ۾ موجود هزارين پاڪستانين کي پولينڊ منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن 2 لک جي لڳ ڀڳ يوڪريني شهري پڻ پولينڊ ۽ رومانيا هليا ويا آهن، يوڪريني پناهگيرن جي هڪ کيپ جرمني پڻ پهتي آهي. جتي 13 هزار بسترن تي مشتمل ڪيمپ قائم آهي ۽ 24 ڪلاڪن ۾ جرمني موجب ان کي ڊبل ڪيو ويندو. 24 فيبروري تي شروع ڪيل روسي جنگ ڊگهي ٿي رهي آهي، ايسٽونيا سميت پاڙيسري ملڪن روس جي جنگي جهازن تي فضائي حدون استمال ڪرڻ تي پابندي مڙهي آهي. ايسٽونيا موجب هي يورپ تي حملو آهي ۽ يورپ کي تيزي سان اپاءُ وٺي روس کي روڪڻ گهرجي. ٻئي پاسي 12 هزار چيچن باغين پڻ روس جي حملي کي جاز قرار ڏيندي يوڪرين خلاف وڙهڻ جو اعلان ڪيو آهي. جن سان گڏ ڪجهه ازبڪ ۽ افغاني جهادي پڻ شامل آهن.










