ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)صنعت، واپار ۽ امداد باهمي واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو تحريڪ انصاف جي ريلي جي حوالي پنهنجي بيان ۾ چيو ته شاهه محمود قريشي جو قافلو اڄ گهوٽڪي کان گذريو، جيڪو سنڌ جي عوام پاران رد ٿيل ماڻهن جو قافلوهو. شاهه محمود قريشي جي اهڙين حرڪتن جي ڪري هن جي پنهنجي مريدن به ان کي رد ڪيو آهي. ڄام اڪرام الله ڌاريجو وڌيڪ چيو ته شاهه محمود قريشي کي سنڌ جي عوام هر اليڪشن ۾ مسترد ڪيو آهي. اڄ پي ٽي آءِ جي ريلي کي هڪ شڪست کاڌل شخص ليڊ ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سنڌ جي عوام علي زيدي کي سڃاڻي ئي ڪو نه ٿو، هن جي ڪا حيثيت نه آهي. حليم شيخ جي جي شهرت پوري سنڌ ۾ قبضا مافيا طور آهي. ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته سنڌ جي مهانگائي ۾ پيسيل عوام ، مسترد پير، غير معروف ۽ قبضا ڪندڙن جي پٺيان نه هلندي. سنڌ جو عوام پيپلز پارٽي سان گڏ آهي. 27 فيبروري کان لانگ مارچ پي ٽي آءِ جي صوبي ۾ حيثيت ڏيکاريندو. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت پاڪستان جي عوام کي مهانگائي ۽ بيروزگاري کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو. وفاقي حڪومت جي نااهلي ۽ ناقص پاليسين ملڪ کي تباهي جي ڪناري تي پهچايو آهي ۽ هاڻي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي طرف اميد ڀريل نظرن سان ڏسي رهيو آهي.










