’بتيءَ جي وٽ‘ جي مهورتي تقريب، رند کي ڀيٽا پيش

’بتيءَ جي وٽ‘ جي مهورتي تقريب، رند کي ڀيٽا پيش

جوهي (رپورٽ منصور گاڏھي) سنڌي ادبي سنگت پاران سنڌي ادب جي بهترين نامياري ڪھاڻيڪار,ليکڪ, پروفيسر سائين بخش رند جي ٽين ورسي ۽ ڪهاڻين جي ڪتاب”بتي جي وٽ” جي مهورتي تقريب پريس ڪلب جوهي جي اڱڻ تي منعقد ڪئي وئي وڏي انگ ۾ مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ اڳواڻن جي شرڪت, جوهي جي پروفيسر سائين بخش رند کي ٽين ورسي جي موقعي تي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء سنڌي ادبي سنگت جوهي شاخ پاران تقريب منعقد ڪئي وئي ان موقعي تي اڳواڻن تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سائين بخش رند جي ڪهاڻين ۾ مظلوم ماڻھن جو درد ڀريل هو, سائين بخش رند پنهنجي قلم ذريعي جوهي,ڪاڇي سميت منڇر جي مهاڻن جي دردن کي پنهنجي ڪهاڻين ۾ متارف ڪرايو, امين لغاري خطاب ڪندي چيو ته سائين بخش رند جسماني طور اسان کان وڇڙي ويو پر محسوس ٿئي ٿو اسان سان گڏ آھي سائين بخش “بتي جي وٽ”ڪهاڻين واري ڪتاب ۾ ٿرڊ امپائر ڪهاڻي مونکي روئاري ڇڏيو سائين بخش جو هميشه پورهيت مزدورن ۽ عام ماڻهن سان لڳندي هئي, آس ٻٻر چيو ته سائين بخش رند جو هميشه لڳاء هيٺين طبقي مزدور, هارين خانه بدوش قبلين سان رهي آھي, هن ڪارو پاڻي ڪتاب به پڻ لکيو, آھي, ان موقعي تي ڊاڪٽر عبدالحميد سومرو, وفا صالح راڄپر, خادم جسڪاڻي, زين کوسو, سميت ٻين پڻ ڀيٽا پيش ڪئي, پروگرام ۾ ڊاڪٽر عبدالحميد سومرو, وفا صالح راڄپر, رفيق بلوچ, ممتاز مصطفي, گهايل لغاري, نقاد ٿهيم, زين کوسو, خليل عارف سومرو, عبدالرشيد لغاري, سينئر صحافي وفا برهماڻي, پيربخش ٻٻر, منصور گاڏھي, جان محمد گاڏھي, سميت وڏي انگ ۾  مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي,

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو