پنجين درجي جو شاگرد گم، وارث پريشان، اين سي داخل

پنجين درجي جو شاگرد گم، وارث پريشان، اين سي داخل

گمبٽ( رپورٽ عبدالحي شيخ)ڪسان ڪالوني واسي پنجين ڪلاس جو شاگرد ٽن ڏينهن کان پراسرار نموني گم، سندس امڙ کي بيهوشي جا دورا گهر ۾ روڄ راڙو متل، گمبٽ ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي وئي. پنجين ڪلاس جو شاگرد ڏھ سالا محمد عمر ٽي ڏينهن کان گهران ثمرا  اسڪول وڃڻ لاء نڪتو جيڪو اڃا تائين واپس ناهي موٽيو گهڻي ڳولا باوجود ڏس پتو ناهي پيو۔ سندس پيء شبير پنهور ميڊيا وارن سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني وغيره ناهي اسان کي نينگر واپس ڪرائي ڏنو وڃي نينگر جي گمشدگي سبب گهر ۾ قيامت ڀرپا آهي۔ ايس ايس پي خيرپور ملڪ ظفر اقبال اعواڻ نينگر جي گمشدگي جو نوٽيس وٺي نينگر کي هٿ ڪرڻ ۾ مدد ڪري سندس بيچيني ختم ڪئي وڃي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو