ڪورونا سبب پاڪستان ۾ 39 فوت، 3498 نوان ڪيس رپورٽ

ڪورونا سبب پاڪستان ۾ 39 فوت، 3498 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)عالمي وبا ڪورونا سبب پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 39 ڄڻا فوت ۽ 3498 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. پاڪستان ۾ ڪورونا جي انگن اکرن جي ويب سائيٽ (covid.gov.pk) موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 58077 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 3498 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته 39 وڌيڪ ماڻهو ماڻهو مري ويا. سرڪاري پورٽل موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 6.02 سيڪڙو رهي. اين سي او سي موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 29 هزار 687 ٿي ويو آهي جڏهن ته متاثرن جو انگ 1477573 تائين پهچي ويو آهي. ان کان علاوه گذريل 24 ڪلاڪن دوران 5761 ماڻهو ڪورونا مان صحتياب ٿي ويا، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ وبا مان صحتياب ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 13 لک 65 هزار ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو