ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سينيئر اداڪار جاويد شيخ جي تڪراري ڀارتي اداڪارا راڪي ساونت سان گڏ دبئي، متحده عرب امارات (يو اي اي) ۾ شوٽنگ جي وڊيو انٽرنيٽ تي وائرل ٿي رهي آهي. جاويد شيخ ۽ راکي ساونت دبئي ۾ تازو فلم فيئر مڊل ايسٽ ايڇيورس ايوارڊز ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ ڪيترين ئي پاڪستاني ۽ ڀارتي شوبز شخصيتن شرڪت ڪئي. ايوارڊز تقريب ۾ پاڪستاني ۽ ڀارتي شوبز جي شخصيتن کان علاوه وچ اوڀر جي ملڪن جي اداڪارن ۽ گلوڪارن به شرڪت ڪئي.










