فراڊ ڪيس ۾ ضمانت رد ٿيڻ بعد جوابدار گرفتار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ فراڊ ڪيس ۾ نجي ڪمپني جي مالڪ سيف الرحمان جي ضمانت رد ڪري ڇڏي، نيب جوابدار کي عدالت ٻاهران گرفتار ڪري ورتو، ڪيس جي ٻڌڻي دروان سوال ڪيو ته جوابدار خلاف ڪنهن شڪايت ڪئي آهي، نيب اختيارين ٻڌايو ته جوابدار خلاف 120 کان وڌيڪ شڪايتون آيون آهن، سيف الرحمان کي اڳ ۾ بھ گرفتار ڪيو ويو ھو. ياد رهي ته سندس وڪيل لطيف کوسو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو