44 ميگا پڪسل وارو اوپو جو مشهور فون پاڪستان پهچي ويو

44 ميگا پڪسل وارو اوپو جو مشهور فون پاڪستان پهچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)اوپو جي وچولي قيمت واري سمارٽ فونن جي سيريز سڄي دنيا ۾ تمام گهڻي مشهور  ٿي آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته ڪمپني طرفان سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2 ڀيرا ان کي اپ ڊيٽ ڪيو ويندو آهي. مئي ۾ ڪمپني رينو 6 سيريز جا 3 فون رينو 6، رينو 6 پرو ۽ 6 پرو پلس متعارف ڪرايا هئا جن مان هاڻي رينو 6 کي پاڪستان ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ان فون ۾ 6.43 انج جو فليٽ اموليڊ ڊسپلي 90 هرٽز ريفريش ريٽ ۽ ايف ايڇ ڊي پليس ريزوليشن سان گڏ ڏنو ويو. فون ۾ 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج موجود آهي پر ريم ايڪسپينشن ٽيڪنالاجي به ڊوائيس جو حصو آهي جنهن سان ورچوئلي 2-3 يا 5 جي بي واڌو ريم پاور ڊيوائس کي حاصل هوندي آهي. اوپو رينو 6 ڪوالڪوم جي اسنيپ ڊريگون 720 جي پروسيسر تي مشتمل آهي. فون ۾ 4300 ايم اي ايڇ بيٽري موجود آهي جنهن سان گڏ 50 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ ڏني وئي آهي. رينو 6 ۾پٺيان کان 4 ڪيميرائن جو سيٽ اپ ڏنو ويو آهي جنهن ۾ مک ڪيميرا 64 ميگا پڪسل جو آهي جنهن سان گڏ 8 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ، 2 ميگا پڪسل ميڪرو ۽ 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ ڊيٽا ڪيمرا موجود آهي. فون جي اڳيان پنج هول ڊيزائن ۾ 44 ميگا پڪسل جو ڪيميرا لڪل آهي. پاڪستان ۾ اها فون هاڻي پري آرڊر ۾ ٻن رنگن ۾ موجود آهي ۽ ان جي قيمت 60 هزار رپيا رکي وئي آهي. ڪمپني آڪٽوبر ۾ اوپو رينو 5 پرو 5 جي بي به متعارف ڪرائڻ جو واعدو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو