لاڙ ۾ ٽماٽي جو فصل تيار ٿي منڊي ۾ پهچي ويو

ٽنڊوباگو (رپورٽ ڏھيل سمون )لاڙ ۾ ٽماٽي جو فصل تيار ٿي ويو، زميندار محمد عيسيٰ خاصخيلي جو ٽماٽو ٽنڊوباگو جي سبزي منڊي ۾ سڀ کان پهرين پھچي ويو. جتي منڊي ۾ 10ڪلو جي ڇلي 700 ۾ وڪرو ٿي،ٽماٽي جو سٺو اگهه ملڻ تي آبادگارن ۾ سرھائي. سبزي منڊي ٽنڊو باگو جي آڙهتي امين ميمڻ ٻڌايو ته جيڪڏهن برسات نارمل رهي ۽ ٽماٽي جو نقصان نه ٿيو ته هفتي اندر لاڙ جو ٽماٽو ملڪ جي مختلف شهرن ڏانهن وڪري لاءِ تيار آهي۔ انشاء ﷲ ٽنڊوباگو سبزي منڊي ۾ زميندار ڀائرن کي تمام سٺي ريٽ تي ٽماٽو وڪرو ڪري ڏينداسين واضح رهي ته ٽنڊوباگو سبزي منڊي مان ٽماٽو ملڪ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن سميت ٻاھرين ملڪن لاءِ پڻ لوڊ ڪيو ويندو آهي۔

پهنجو تبصرو موڪليو