گروپ انشورنس ادا نه ڪرڻ تي سيڪريٽري فنانس طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جي گروپ انشورنس وارو مامرو عدالت پھچي ويو، سنڌ هاءِ ڪورٽ سيڪريٽري فنانس کي 22 سيپٽمبر تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آھي. عدالت پاران سنڌ سرڪار کي انشورنس ڪمپنين سان ڪيل سمورن معاهدن جون ڪاپيون به پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي. عدالت جو چوڻ  آھي تھ ٻڌايو وڃي ته ملازمن جي پگهارن مان ڪيترا پئسا ڪٽيا وڃن ٿا،  گروپ انشورنس جا پئسا ملازمن جي پگهارن مان ڪٽيا وڃن ٿا يا سرڪار ٿي ڀري؟  اهو به ٻڌايو وڃي ته هيل تائين ملازمن جي پگهارن مان گهڻا پئسا ڪٽيا ويا آهن. درخواستگذار جي وڪيل چيو تھ هر سرڪاري ملازم جي پگهار مان ماهوار گروپ انشورنس جي نالي تي ڪٽوتي ٿئي ٿي. عدالت ۾ وڪيل جو چوڻ ھو تھ  سنڌ حڪومت صوبائي ويلفئر بورڊ جو قيام به آڻي چڪي آهي، جيڪو انشورنس ڪمپنيء هٿان ملازمن کي رقم ڏيارڻ لاء معاملا طئه ڪندو آهي. ايڊووڪيٽ راجا جواد علي ساھڙ چيو تھ  ملازمن کي انشورنس فقط سندن فوتگيء تي سندن وارثن کي ملندي آهي،  جڏهن ته 65 سالن جي عمر ۾ اگر ملازم رٽائر ٿين ٿا ته انهن کي اها انشورنس جي رقم نٿي ملي جيڪو  ظلم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو