سنڌ ۽ سنڌين جي پَٽڪي ۾ هٿَ، سنڌ تي ٽِه رُخو حملو

ليکڪ  وسعت الله خان

وچ ايشيائي آريائن کان وٺي انگريز چارلس نيپئر تائين سنڌ تي جيترا به حملا ٿيا اهي هڪ طرفا هئا پر سنڌ کي پهريون دفعو ٽن طرفن کان حملن واري صورتحال درپيش آهي يعني اسٽبلشمينٽ، پيپلز پارٽي (زرداري) ۽ مذهبي شدت پسندي جا حملا. اسٽبليشمينٽ جا حملا ته 1947 کان وٺي جاري آهن جڏهن ته اڳلن 89 سالن لاءِ هي ٽالپور رياست بمبئي پريزيڊينسي ۾ غائب رهي ۽ پوءِ سنڌين ان اميد تي پاڪستان قائم ٿيڻ جي عمل ۾ هر طرح کان حصو ورتو ته هڪ مسلمان ملڪ ۾ باب الاسلام کي ان جي الڳ ”سب اسلامڪ ڪلچر“ سان گڏ ساھ کڻڻ جو موقعو ملي ويندو ۽ ان کي ماضي وانگر فقط چرا گاهه. شڪارگاھ ۽ گذرگاھ نه سمجھيو ويندو. پر ”س“ سان سنڌ ۽ ”س“ سان سنڌ جو سادو هجڻ ٻئي سنڌ لاءِ مصيبت ثابت ٿيا. سن 1936 ۾ بمبئي پريزيڊينسي کان ڇوٽڪاري جي فقط 18 سالن کان پوءِ سنڌ ٻيهر هڪ آزاد ملڪ جي ون يونٽ واري دلدلي اسڪيم ۾ اڳين 16 سالن لاءِ وري غائب ٿي وئي. هي هڪ اهڙو انعام ۽ حسنِ سلوڪ هو جنهن ھڪ عام سنڌي کي به علحدگي جي راھ تي آڻي بيهاريو. جن تحريڪ پاڪستان واري تحريڪ ۾ هر اڳئي دستي ۾ شامل ٿي ڪري 20 فيصد غير مسلمانن مان گھڻن کي ڌرتي ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ۽ نون بي زمين (پناهگيرن) ماڻھن کي ڳلي سان لڳايو ۽ هي سڄو ڪم نهايت ئي نيڪ نيتي ۽ سچائي سان ڪيو ويو. پر اسٽيبليشمينٽ ته اسٽبليشمينٽ هوندي آهي. مغلن جي آگرا واري اسٽبليشمينٽ کان وٺي اسلام آباد جي اسٽبلشمينٽ هر ايندڙَ  يا وڃڻ واري جي روايتِ حڪمراني کي تبديل ڪرڻ بجاءِ اڳتي ئي وڌايو آهي. ريموٽ ڪنٽرول جي ذريعي سنڌ تي گذريل 13 سو سالن کان بصرا، آگره، ڪابل، بمبئي، دلي ۽ اسلام آباد کان حڪمراني ڪرڻ ۾ ڪڏهن به ڪنهن کي مشڪل پيش نه آئي ڇو جو مارڪيٽ ۾ ريموٽ ڪنٽرول هلائڻ وارا مقامي سيل هر وقت آسانيءَ سان ۽ سستي اگھ تي ميسر رهيا  آهن. ها سنڌ کي صدين تائين ڦهليل غلامي مان ذهني ۽ سياسي طور تي آزاد ڪرائڻ ۽ وسيلن کي مخصوص هٿن مان ڪڍي ڪري گھڻن هٿن ۾ ڏيڻ جو موقعو ذوالفقار علي ڀٽو نالي هڪ مقامي کي مليو ضرور هو پر هي موقعو به خوداريءَ سان گڏ جيئڻ جو طريقو عام ڪرڻ بجاءِ سياسي ٿيلهي ۾ ڀريل ريوڙيون پنهنجن ۾ ئي تقسيم ڪرڻ ۽ سنڌين کي سنڌين کان اڻ واقف ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ضايع ٿي ويو ۽ ٿوري عرصي لاءِ قسمت جي کليل کڙڪي نه ڄاڻ ڪيسيتائين بند ٿي وئي. زرعي سڌارا گھٽ ۾ گھٽ هن ملڪ ۾ ٽي ڀيرا ٿيا پر ان جو سڀ کان گھٽ فائدو سنڌ جي حصي ۾ آيو. صنعتي سڌارا هن ملڪ ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٻه ڀيرا ٿيا پر انهن جي نتيجي ۾ انساني ۽ قدرتي وسيلن جي گھڻائي جي اعتبار سان جيتري گھٽ ترقي سنڌ ۾ ٿي شايد ئي اهڙي ڪٿي ٿي هجي. جيڪو صوبو پاڪستان جي صنعتي انجڻ سڏيو وينديو هو اهو اصلاحن کان پوءِ صنعتي مال گاڏي جي آخري دٻي ۾ بدلجي ويو ڪنهن کي يقين نه اچي ته ايوب خاني دور تائين لانڍي، سائيٽ، ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد جي صنعتي عروج جي زوال جي داستان ڪنهن پوڙهي ورڪر کان اڄ به معلوم ڪري سگھي ٿو ۽ سالن  کان قائم نوريءَ آباد انڊسٽريل زون جي زوال واري ترقي کي پنهنجي اکين سان ڏسي سگھي ٿو. هاڻي ته ان جي ڀِتِ مان هائوسنگ اسڪيمون به زبان ڪڍي ڌسي رهيون آهن. پر پنون عاقل کان وٺي ڪمون شهيد تائين جيڪو صنعتي انقلابُ آيو آهي ان کي نيشنل هاءِ وي جي ٻئي پاسي کان بيٺلُ ماڻهو بس ڏسي ڪري خوش ئي ٿي سگھي ٿو. تنھن ھوندي به سنڌ خوشحال آهي. حد کان وڌيڪ زمينون کپائڻ، حد کان وڌيڪ بدعنواني، حد کان وڌيڪ پنهنجا نوازي، حد کان وڏيڪ ضمير جو وڪرو، حد کان وڌيڪ اڏاوت واري ٺيڪيداري ۽ ڪميشن اينجنٽن کان پوءِ به  سنڌ جي ملڪيت ختم ئي نٿي ٿي. جيڪڏهن اڄ 17 حملن ۾ سومنات جو سون گڏ ڪرڻ وارو محمود غزنوي زنده هجي ها ته زردارين ۽ حوارين جي حقن جا ڦل پيو ڀري ها. جڏهن تعليم کي زنگ لڳي وڃي، شفاخانن کي اڏوهي کائڻ لڳي، جڏهن اهليت جو سر ڌڙ کان جدا ڪيو وڃي، جڏهن جي حضوريءَ جو عَلَمُ بلند هجي، جڏهن سماجي ۽ سياسي طوائف جي مجري جو جشن هلندڙ هجي، جڏهن ڏيڻ وارين جون ڀتيون وٺڻ وارن جي سوچ کان به مٿي ٿي وڃن، جڏهن فڪري دلالي تخليقي سوچ جي سيني تي چڙهي ويهي رهي، جڏهن روزاني  وارو انتظام به ڏهاڙي جي بنياد تي هلايو وڃي، جڏهن ٻلو کير جو رکوالو هجي، جڏهن جيئرن تي مري ويلن جي سفارش سان حڪمراني هلندي هجي ته پوءِ رياست هجي يا رياست جو ڪو ايڪو، ٻنهي جي حيثيت گتي مان ٺاهيل شاندار فلمي سيٽ کان وڌيڪ ڪجه ناهي هوندي جنهن کي ڪو به چريو اچي ترتيب وار ڪيرائي سگھي ٿو. اھي جيڪي چوندا آھن ته انفرادي سطح تي ڪيل گناھن کي آسمان درگذر ڪري ڇڏي ٿو پر اجتماعي طور تي ٿيل گناھن جي سزا قسطوار لھي ٿي. جنھن سنڌي ڳانڍاپي کي پنج ھزار سالن تائين ورهاست نه ڪري سگهيا ان کي گذريل پندرھن سالن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. ھڪ آخري شيءِ پٽڪو يعني دستار ئي رھجي وئي ھئي ھاڻي ان تي به ھٿ پئجي ويا آھن. ھي دستار سادگي، ڀائيچارو، بھترين ورتاءُ، حيا،درگذر واري انسانيت، ملنگي طبيت، مولائيت، نرم رويو، دشمن سان محبت، سڃاڻ کان بغير ئي مھمان نوازي، خاموش مدد، شعر جي ڄاڻ ۽ موسيقيءِ جي پاڻي سان رنگي وئي ھئي. پر ھاڻي ھي دستار بچائڻ جو ڪم به رياست پنھنجي ذمي ورتو آھي (خدا خير ڪري). شايد اھو وقت اچڻ وارو آھي جڏھن مان پنھنجي ٻارن جي ٻارن کي ٻڌائيندس ته اسان جي دور ۾ ھڪ ئي قبرستان ھوندو ھو جتي ھر ڪنھن کي دفن ڪيو ويندو ھو. اڻ ڳڻيون مسجدون ھيون جن جي ڇانوَ ۾ مندرَ به موجود ھوندا ھئا. ڪيتريون ئي امام بارگاھون ھيو جتي سُني به باسون ڀاسيندا ۽ تبرڪ وٺڻ ايندا ھئا. ڪيتريون ئي درگاھون ھيون جتي درويش جي قدمن ۾ ھندو به وصيعتون ڪندا ھئا ۽ انھن مسجدن، امام بارگاھن، مندرن، ۽ درگاھن کي دورازو ڪو نه ھوندو ھو ته جئين بغير ڪنھن نالي ۽ پتي جو مسافر به آرام ڪري سگهي. ڏيکاءَ، ٻولي ۽ خيال جي اظھار ۾ سڀ مقامي ماڻھون ھڪ جھڙا نظر ايندا ھئا فقط نالو معلوم ڪرڻ وقت ئي خبر پوندي ھئي ته ھي مڪيش مل آھي، ھي پيرل بخش آھي ۽ ھو سيد بشير علي شاھ ۽ ھو چوڌري بشير ۽ ھو اٿئي غلام قائم خاني ۽ ھتي ھر ھندو ذاڪر به امام حسين جي مجلس پڙھندو ھو ۽ عرس جي موقعي تي ڀڄن منڊليون اينديون ھيون ۽ شھباز قلندر جي مزار تي سنڌي ٻولي کان وڌيڪ پنجابي ٻڌڻ ۾ ايندي ھئي. منھنجو ھڪ چاچو شيعو ھو، ھڪ ڀاڄائي سُني ۽ ھڪ ڦڦي جيڪا ڪنھن کي به نه مڃيندي ھئي. منھنجو ڏاڏو وھابي ھو پر جڏھن به ھو ڪنھن ٻئي شھر ڏانھن سفر ڪندو ھو ته منھجي ڏاڏي ان جي ٻانھن تي امام ضامن ٻڌندي ھئي ۽ ڏاڏو بس تي چڙھندي ئي امام ضامن کولي ڪري پنھنجي پيتي ۾ رکندو ھو ۽ واپسي تي پنھنجي ٻانھن تي ٻيھر ٻڌندو ھو ته جئين ڏاڏي جي دل نه ٽٽي. وري پوءِ مان پنھنجي ئي يقين ڪندڙ اکين وارن ٻارن جي ٻارن کي به ٻڌائيندس ته اوھان جي ڄمڻ کان پھريان تائين ڪنھن شيعي لاءِ ڪافر جي فتوٰا نه ڌني ويندي ھئي ۽ اوھان جي والد جي پيدا ٿيڻ تائين ڪو به احمدي ڪافر نه ھو ۽ منھجي ڄمڻ کان پھريان تائين ڪنھن ھندو کي ڪافر چوڻ غيرمھذب سمجهيو ويندو ھو. بس ان کي ھندو ڀاءُ چوندا ھئا ۽ شڪارپور جا ھندو ته اڄ به ڀائيبند سڏين ٿا. پوءِ وري منھنجي ٻارن جا ٻار مون کان پڇندا ته ڏاڏا ڪوڙ ڳالھائڻ خراب ڳالھ ھوندي آھي نه؟ ۽ مان چوندس ته ھا بلڪل خراب ڳالھ ھوندي آھي. وري پوءِ ھو چوندا ڏاڏا اوھان ھن عمر ۾ ايترو ڪوڙ ڇو ٿا ڳالھايو؟ ٻڌايو نه؟ ۽ شايد مان ان وقت ڪجھ به نه چئي سگهان  يا وري سر جهڪائي بڙ بڙ ڪندو وڃان ته هو نه اها ٻڌي سگهندا ۽ ھو ڪئين ڏسندا ته منھنجي اکين مان ڇا وھي رھيو آھي. يا وري ھي وھم ته شايد منھنجي گذرندڙ عمر سان پکيڙجندڙ مايوسي جو ڦل آھي. اھڙو ڪجھ به نه ٿيندو. جيڪا ڌرتي پنج ھزار سالن جي مار سھي وڃي ۽ پوءِ به ڪنھن جي اڳيان سجدہ ريز نه ٿي ته اھا ڪنھن جي به اڳيان سجدہ ريز نٿي ٿي سگهي. جيسيتائين سنڌو وھي رھيو آھي تيسيتائين سنڌ به ائين ئي وھندي رھندي.(هي مضمون وسعت الله خان گذريل سال ايڪسپريس اخبار لاءِ اردو ۾ لکيو هو جڏهن ڪجهه پر متڙين مٿس سنڌ جي غدار جو لقب ڏنو هو ان وقت لکيو هو جيڪو واٽس ايپ گرو پ تي گردش ۾ هو، جاويد سومرو سنڌيار جي پڙهندڙن لاءِ ترجمو ڪيو.)

پهنجو تبصرو موڪليو