صارفين کان بجلي جا اضافي بل وصول ڪرڻ جو اسڪينڊل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) جو قانون جي ڀڃڪڙي جو نئون اسڪينڊل سامهون اچي ويوآهي. جيو نيوز موجب 8 مهينن جي دوران ملتان، سکر، ڪراچي، لاهور، حيدرآباد، گجرانوالا ۽ فيصل آباد جي لکين صارفين کي بجلي جا بل طئي ٿيل 31 ڏينهن جي بجاءِ 37 ڏينهن جي بنياد تي موڪليا ويا، جنهن سبب هڪ سليب کان صارفين مٿي واري سليب ۾ پهتا ته مٿن مهانگا ترين ريٽ لاڳو ڪيا ويا.  رپورٽ موجب 8 مهينن جي دوران 37 ڏينهن جي دوران استعال ڪيل بجلي جو سب کان وڌيڪ ملتان جي پاور ڪمپني ميپڪو موڪليا. 31 ڏينهن ۾ 300 يونٽ جو بل 3200 روپيا ٺهي ٿو، اهڙِي طرح صرف هڪ ڏنهن جو اضافي بلن ۾ 600 روپين جو اضافو ٿي وڃي ٿو، بل گهڻي ريٽ واري سليب جي لحاظ سان ٺهندو ۽ صارف کي وڌيڪ رقم ادا ڪرڻ پوندي. رپورٽ موجب جنوري 2021 کان هن وقت تائين ڪي اليڪٽرڪ، فيصل آباد الڪيٽرڪ سپلائي ڪمپني، حيدرآباد الڪيٽرڪ سپلاءِ ڪمپني، ملتان، گجرانوالا ۽ سکر اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني پنهنجي صارفين کي مقرر ٿيل 31 ڏينهن کان وڌيڪ ڏينهن جو بل هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ڀيرا بل موڪليا. ڄاڻايل ڪمپنين طرفان 35 کان 37 ڏينهن تائين بل به صارفين کي موڪليا جيڪو نيپرا جي قانوني جي سراسر ڀڃڪڙي آهي، بجلي تقسيم ڪندڙ ڪمپنيون هڪ مهيني ۾ وڌ کان وڌ 31 ڏينهن جي استعمال ٿيل بجلي جو بل موڪلي سگهن ٿيون. هي نئون اسڪينڊل سامهون اچڻ تي چئي سگهجي ٿو ته هڪ طرف بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنيون عوام جي کيسن تي ڪروڙين روپين جو ڌاڙو هڻي رهيون آهن ٻئي پاسي حڪومت ۽ ريگوليٽر خاموش تماشائي بڻيل آهن. هن حوالي سان نيپرا جي ذميواري آهي ته شهرين کي ناجائز بلنگ کان بچائي، پر ان جي رد عمل ۾ ادارو سست روي جو شڪار آهي، نيپرا جو چوڻ آهي ته هو صرف انهن ڪيسز جي ٻڌڻي ڪندو جن جون شڪايتون داخل ڪرائڻ لاءِ پهرين کان موجود طريقيڪار تحت ان تائين پهچندا.

پهنجو تبصرو موڪليو