چنڊ ڌرتيءِ جي موسم تي اثر انداز ڇو ٿيندو آھي؟

ڪيٿرين ليٿم

اڄ کان تقريبن ساڍہ چار ارب سال پھريان ٻہ قديم سيارہ پاڻ ۾ ٺڪرائيا ۽ ملي ڪري ھن سياري کي جنم ڏنو جنھن تي توھان ۽ اسان رھون ٿا.

ان ٻن سيارن پروٽوارٿ ۽ ٿھييا جي ان ميلاپ دوران ھڪ پٿر الڳ ٿي ڪري چنڊ جي شڪل اختيار ڪئي. ڪائنات جي گهرائي ۽ اونداھي ۾ اسان جو ھي ساٿي اسان جي وجود سان تمام ويجهي طريقي سان ڳنڍيل رھيو آھي. اسان جي زندگي جي رواني چنڊ جي گردش سان ڳنڍيل آھي. چنڊ اسان جي زمين تي ڪھڙي طرح اثر انداز ٿئي ٿو، سائسندان اڄ تائين ان گٿيءَ کي مڪمل طرح سان حل ناھن ڪري سگهيا. مسئلو ھي آھي تہ ديوتائن وارين ڪھاڻين کي سچائي کان الڳ ڪري ھي سمجهو وڃي تہ اسان جي ھن ساٿيءَ جو اسان جي زمين تي حقيقت ۾ ڪھڙو اثر ٿئي ٿو. ڌرتي تي چنڊ جو اثر سڀ کان واضع انداز ۾ جوار ڀاٽا يعني سامونڊي لھرن جو چڙھڻ ۽ لھڻ سان ڏسي سگهجي ٿو. ڌرتي ڏينھن ۾ پنھنجي ئي مدار تي ھڪ ڀيرو گهمي ٿي ۽ ان دوران چنڊ جي ڪشش ثقل ڌرتي جي ويجهي حصي تي موجود سمنڊ جي پاڻيءِ کي پنھنجي طرف ڇڪي ٿي جنھن سان ڌرتي جي سطح تي ھڪ طرف جو اُڀارُ پيدا ٿي پوي ٿو. اھڙي طرح ڌرتي جي گهمڻ جي ڪري پيدا ٿيندڙ طاقت سينٽري فيوگل فورس جيڪا ڪنھن شيءِ کي مرڪز کان پري ڪري ٿي، سمنڊ جي پاڻي کي ٻئي پاسي کان بہ کڻي ٿي تنھن ڪري ھي اُڀارُ ڌرتي جي ٻئي پاسي بہ پيدا ٿئي ٿو. ڌرتي انھن ٻنھي اُڀارن جي چوگرد گهمي ٿي جنھن جي ڪري ڏينھن ۾ ٻہ ڀيرا ھائي ٽائيڊ يعني بلند لھرون ۽ ٻہ ڀيرا لو ٽائيڊ ھيٺايون لھرون پيدا ٿين ٿيون. ھر 18.6 سالن جي عرصي دوران چنڊ جو مدار ڌرتي جي خطِ اُستوا يعني ايڪوئيٽر جي لحاظ سان 5 ڊگري مٿي کان وٺي 5 ڊگري ھيٺ تائين ھليو وڃي ٿو. ھن چڪر کي سڀ کان پھريان سن 1728 ۾ ڪاغذي شڪل ڏني وئي ۽ ان کي لونر نوڊل سائيڪل سڏيو وڃي ٿو. جڏھن چنڊ جو مدار خطِ اُسطوا کان پري وڃڻ شروع ڪري ٿو تہ سامونڊي لھرن ۾ گهٽتائي اچي ٿي ۽ جڏھن ھي ايڪويئٽر جي برابر ٿيندو آھي تہ سامونڊي لھرن ۾ تيزي وڌي ويندي آھي. آمريڪي خلائي اداري ناسا جو چوڻ آھي تہ موسمياتي تبديلين جي ڪري سامونڊي سطح جي وڌڻ جا اَثَرَ ان لونر نوڊل سائيڪل سان گڏجي سن 2030 ۾ سامونڊي لھرن جي ڪري ايندڙ ٻوڏن ۾ ڊرامائي انداز ۾ وڌاءُ اچي سگهي ٿو. ناسا جي طرفان سمنڊ جي سطح جي تبديلي تي نظر رکندڙ سائنسي ٽيم جي سربراہ بينجمن ھيملنگٽن جائزو وٺي رھي آھي تہ سمنڊ جي سطح ڪئين قدرتي ۽ انساني ڪمن تي اثرانداز ٿئي ٿي ۽ ان جو سامونڊي ڪناري تي رھندڙن تي ڪھڙو اثر پوي ٿو. ھو چوي ٿو بلند لھرن سان پيدا ٿيندڙ ٻوڏ سامونڊي ڪناري واري آبادي تي تمام گهڻو اثر اندز ٿئي ٿي. ان سان نوڪري جي حاصلات لاءِ اثر پوي ٿو ۽ ڪاروبار کليو رکڻ ۾ بہ مشڪل پيش اچي ٿي. اڃا تائين ھي فقط ھڪ روڪاوٽ آھي پر وقت سان گڏ ان کي نظر اندز ڪرڻ  ۽ ان سان زندگي گذارڻ تمام مشڪل ٿي ويندو.

Photo Courtesy BBC

سن 2030 ۾ موسمياتي تبديلي جي ڪري سامونڊي علائقن ۾ ٻوڏ جو خطرو وڌي ويندو.

  بينجمن چوي ٿي انهن ٻوڏن جي ڪري سامونڊي پٽيءَ جي جوڙجڪ تبديل ٿي ويندي، انفراسٽرڪچر کي نقصان ٿيندو ۽ چنڊ جي  ڪري هي مسئلو وڌيڪ خراب صورت اختيار ڪندو. هر ڏهاڪي سان ٻوڏ جي شدد ۾ 4 ڀيرا وڌيڪ اضافو ٿي سگھي ٿو.هي لونر نوڊل سائيڪل سڄي دنيا ۾ اثرانداز ٿئي ٿو ۽ سامونڊي سطح به پوري دنيا ۾ وڌي رهي آهي. ان جي ڪري اسان سڄي دنيا ۾ بلنڊ لهرن جي ڪري پيدا ٿيدڙ ٻوڏن ۾ شدد سان اضافو ٿيندي ڏسنداسين. چنڊ جي هن نوڊل شائيڪل جي ڪري انسانن لاءِ ڪيتريون ئي مشڪلاتون پيدا ٿيديون ان سان گڏ ھي سامونڊي علائقن ۾ رهندڙ جنگلي جاندار جي وجود لاءِ به هي خطرو ثابت ٿيندي. رٽگرز يونيورسٽي جي ايليا روشلن لونر نوڊل سائيڪل ۽ نمڪين دَلِدَلِ وارن علائقن ۾ مڇرن جي آبادي جي وچ ۾ تعلق کي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هو چوي ٿو جڏهن هي نوڊل سائيڪل چوٽ تي هوندو آهي ته بلند لهرون زمين ۾ تمام هيٺ تائين موجود مڇرن جي آبادي کي متاثر ڪن ٿيو. ان دوران بلند لهرن جي ڪري گھڻي ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿئي ٿي ۽ پاڻ سان ڪِلِ فش آڻي ٿي. ڪِلِ فش تازي ۽ نمڪين پاڻي ۾ ملندڙ مڇيون آهن ۽ انهن جي هڪ ٺولي ۾ ڪيتريون ئي مڇيون هونديون آهن. هي مڇيون مڇرن جي آبادين کي ختم يا گھٽ ڪري ڇڏين ٿيو جيڪي اڃا آنن، لاروا يا وري پيوپا جي شڪل ۾ هوندا آهن. ان جي ڪري ھنن جو واڌ ويجھ ڪرڻ ۽ پاڻيءَ کان ٻاهر نڪرڻ جو موقعو ئي ناھي ملندونٿو. هو چوي ٿي عام طور تي چنڊ جي هن سائيڪل جي عروج تي مچرن جي آبادي گھٽ هوندي آهي پر جڏهن هي چڪر زوال تي هوندو آهي ته لهرون مڇرن جي آبادي کي گهڻو متاثر ناھن ڪنديون، جنهن جي ڪري مڇرن جي آباديءَ کي واڌ ويجھ جو موقعو ميسر اچي وڃي ٿو ۽ اهڙي طرح مڇرن جي آباديءَ ۾ اضافو ٿئي ٿو. ان سان فقط مڇر ئي متاثر نٿا ٿين پر ان جي گھڻي هجڻ جي ڪري ڪيترن ئي ٻين جاندارن لاءِ خوراڪ جو سبب ٿين ٿيا. نمڪين دلدل ۾ وڏا سبزي خور جانور ناهن هوندا پر انهن جي جاءِ تي جھينگا، ڪيڪڙا، گھونگھا، ٽڊا ۽ ٻيا ڪيڙا موجود هوندا آهن ۽ هي سڀ جاندار سامونڊي پکين ۽ مڇين جي لاءِ خوراڪ جو سڀ کان وڏو ذريعو هوندا آهن. روشلن چوي ٿي سامونڊي سطح ۾ چاره ۽ لونر نوڊل سائيڪل جو عروج ملي ڪري نمڪين دلدلن کي ٻوڙي سگھن ٿا.

نمڪين دلدلن ۾ جيوت جي واڌ ويجھ جو تناسب وڌيڪ ٿئي ٿو ۽ انهن ۾ ڪاربان جي تمام گھڻي مقدار شامل ٿي سگھي ٿي.

نمڪين دلدلن ۾رهندڙ جاندار مري ويندا ته انهن تي دارومدار رکندڙ سامونڊي مڇيون، پکي ۽ ٻين نسلن کي به نقصان پهچندو. ان ۾ انسان به شامل آهن ڇو جو نمڪين دلدلون عالمي معيشت ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن ٿيو.  ان ۾ قِسِمِ قسم جي سامونڊي جيوت رهي ٿي جيڪي مهاڻن پاران پڪرجندڙ تمام نسلن جو 75 فيصد آهن. ان کان علاوه نمڪين دلدلون ماحوليات جي حوالي سان تمام گھڻي اهميت رکن ٿيون. هي ڌرتي تي موجود ڪنهن به ٻئي ايڪو سسٽم جي مقابلي ۾ وڌيڪ ڪاربان جذب ڪن ٿيون. ان جي مقابلي ۾ تازي پاڻيءَ وارا دلدلي علائقا ان نمڪين دلدلي علائقن جي نسبت 10 ڀيرا وڌيڪ ڪاربان جذن ڪن ٿا ۽ ان جو هڪ سبب انهن جوگھڻو هجڻ آهي. چنڊ جي ان چڪر ۽ سامونڊي سطح ۾ واڌ جي ڪري ٻوڌن ۾ واڌ ايندي ته مٺي پاڻيءَ وارا دلدلي علائقا به تبديليءَ مان گذرندا. ڪرسٽين هوفينسپرگر ناردرن ڪينٽڪي يونيورسٽي ۾ ماحوليات جو سائنسدان آهي ۽ هو مٺي دلدلي علائقن ۾ سم ۽ ڪَلَرَ جي اثر جو جائزو ڪري ٿو. هو چوي ٿو تازي پاڻي واريون سامونڊي دلدلون سڄي ڏينهن جي دوران لهرن جي گھڻين ئي تبديلين مان گذرن ٿيو ۽ انهن ۾ نمڪين دلدلن جي مقابلي ۾ وڌيڪ جيوت ملي ٿي. ان جي مطبق ۾ ڪيترا ئي نسل پنهنجي ڪم جا ماهر آهن. وڻ ٽڻ خوراڪ جي هن فهرست ۾ سڀ کان مٿانهان آهن ۽ هو جڏهن پاڻ کي تازي پاڻي جي ٻوٽن ۾ تبديل ڪري نمڪين پاڻي برداشت ڪرڻ وارن ٻوٽن ۾ تبديل ٿيڻ لڳن ٿا ته انهن تي دارومدار رکندڙ جاندار مثلن پکي، خشڪي تي موجود جيت وغيرھ پڻ ان جي زير اثر اچن ٿا. تازي پاڻي جا قِسم کاري پاڻي ۾ واڌ ۽ تازي پاڻي ۾ رهڻ جي لاءِ وهڪري ۾ واڌ جي ڪري وڌيڪ زير اثر اچن ٿا.        

مٺي سامونڊي دلدلن ۾ کاري سمنڊ جي سطح تي واڌ سان وڌنڌي ويندي ۽ ٻوڏون جيترو گھڻيون اينديون، مٺي پاڻي جو دلدلون کاري پاڻي جي اثر ۾ وڌيڪ اينديون. سامونڊي لھرن کان سواءِ دنيا جو موسمي نظام گهڻو ئي الڳ ھجي ھا. سامونڊي لھرن جي ڪري ئي سامونڊي وھڪرو قائم رھي ٿو جيڪو گرم ۽ ٿڌي پاڻي کي پوري دنيا ۾ گهمائي ٿو. گرم سامونڊي وھڪرو گرم ۽ گهربل موسم آڻي ٿو جڏھن تہ ٿڌو سامونڊي وھڪرو ٿڌو ۽ خشڪ موسم آڻي ٿو. لونر نوڊل سائيڪل جي وجھ سان ڌرتي تي موسم آڻيدڙ ھڪ خاص عمل ٻہ متاثر ٿي سگهي ٿو. عام حالتن ۾ خطِ آُستوا وٽ تيز ھوائون گرم، مٿاڇري واري پاڻي کي اولھ جي طرف ڌڪين ٿيون جنھن سان ھي پاڻي اتر آمريڪا کان وٺي انڊونيشيا طرف وڃي ٿو ان جي جاءِ تي ٿڌو ۽ اونھو پاڻي مٿي اچي ٿو. ايل نينيو جي دوران ھي ٽريڊ ونڊز يا واپاري ھوائون معمول کان وڌيڪ تيز ھونديون آھن ۽ گرم پاڻي کي ايشيا طرف وڌ کان وڌ موڪلين ٿيون. اھو ٿڌو پاڻي جيڪو اتر اوڀر آمريڪي کنڊ جي سمنڊ تي ھوندو آھي اھو تيزي سان اتر طرف وڃڻ لڳي ٿو. ان جو نتيجو اھو ٿو نڪري جو ڌرتي جي ڏکڻ واري حصي ۾ ٿڌ جي موسم عام طور تي گرم ٿيڻ لڳي ٿي جڏھن تہ اتر ۾ عام طور تي ٿڌ وڌي وڃي ٿي. ايل نينيو ۽ لانينيا جا سبب گڏيل طور تي ان موسمي سائيڪل جو حصو آھن جنھنکي ايل نينيو سدرن اوسيليشن (اي اين ايس او) چيو وڃي ٿو. سدرن اوسيليشن جو مطلب خطِ اُسطوا تي وڏي سمنڊ جي سطح تي ھوا جي دٻاءَ ۾ بدلاءُ آھي. اوھائيو اسٽيٽ يونيورسٽي جي سائنسدانن جي مطابق ٿي ٿو سگهي تہ ايل نينيو ۽ لانينيا جو ھڪ ٻئي ۾ تبديل ٿيڻ جي ڪري چنڊ جي ڪششِ ثقل مان پيدا ٿيندڙ ھڪ سامونڊي سطح جي ھيٺي لھر بہ متاثر ٿيندي ھجي. اھڙي ئي طرح يونيورسٽي آف ٽوڪيو جي ماھرن مطابق چنڊ جي 18.6 سال جي  لونر نوڊل جي سائيڪل کي ڏسي ڪري ايل نينيو جي باري ۾ ڪا اڳڪٿي ڪري سگهجي. برطانيہ جي نيشنل اوشينوگرافي واري سينٽر جي سائنسدان فل ووڊورٿ جي مطابق لونر نوڊل سائيڪل واقعي سمنڊ جي گرمي پد واري سطح تي اثر ٿئي ٿو. ووڊورٿ چوي ٿو چنڊ جي سطح تي ڪششِ ثقل سامونڊي لھرن سان گڏوگڏ سمنڊ جي مٿانھين سطح وارين حصن جي ملڻ تي بہ اثر ڪري ٿي. ان جي مطابق اھو خاص طور تي اتر وڏي سمنڊ ۾ ٿيندو آھي.

ڌرتي، برف ۽ ھوا

لونر نوڊل سائيڪل ايندڙ ڪجھ ڏھاڪن جي دوران يقيني طور تي بيپناھ تبديليون آڻيندي، جيڪڏھن ٿوري عرصي جي ڳالھ ڪجي تہ چنڊ ڌرتي تي اھڙن اثرن جو بہ سبب بڻجي ٿو جن جي باري ۾ گهڻي ڄاڻ ناھي. چنڊ جي باري ۾ خيال ڪيو وڃ ٿو تہ ھي قطبي گرمي پد ۽ آرڪٽڪ خطي ۾ برف جي گهٽتائي ۽ وڌاءَ تي اثرانداز ٿئي ٿو. پر اتي چنڊ جو اثر ان جي 18.6 سالن جي سبب جي ڪري نہ پر ان جي ھر مھيني واري سائيڪل جي ڪري ٿئي ٿو. سيٽلائٽ جي ذريعي ڪيل ماپ مان معلوم ٿيو آھي تہ قُطِبَ مڪمل چنڊ جي دوران 0.55 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ گرم رھن ٿا. ان کان سواءِ چنڊ جي ڪشش ثقل مان پيدا ٿيندڙ طاقت برف جي چادرن کي ڀڃي ٿي ۽ سمنڊن ۾ گرمي واري وھڪري ۾ بدلاءَ آڻي ٿي جنھن سان آرڪٽڪ سمنڊ ۾ برف جي مقدار بہ بدلجي ٿي. ڪرس ولسن  برطانيه جي نيشنل اوشنوگرافي سينٽر جو هڪ مئرين فزيڪسٽ چوي ٿو ته چنڊ سمنڊ جي سطح ۽ گهرائي ٻنھي ۾ لهرون ۽ وھڪرو پيدا ڪري ٿو. ھي وھڪرو ۽ لھرون گرم پاڻي جي ملڻ سان دٻاءَ واري حرڪت جي ڪري سامونڊي برف کي ڳاري سگهي ٿي يا ڀڃي سگهي ٿي. برف ان سان ننڊن ننڊن ٽڪرڻ ۾ ورھائجي وڃي ٿي ۽ اھڙي طرح ان جو رجڻ وڌيڪ آسان ٿي پوي ٿو.

Photo Courtesy BBC

 آرڪٽڪ جي برف تي چنڊ جو تما گھرو اثر پوندو آھي

فقط سمنڊ جي برف ۽ پاڻي ئي لھرن کان متاثر نہ ٿو ٿئي پر چنڊ جي ڪشش ثقل جو اثر خشڪي ۽ ماحول تي بہ پوي ٿو. زمين ۾ سامونڊي لھرون بہ سمنڊ وانگر ئي ھونديون آھن. زمين جي بناوٽ بہ سمنڊ وانگر تبديل ٿيندي آھي پر ان جي باري  خيال ڪيو ويندو آھي تہ ان سان آتش فشان ۽ زلزلا پيدا ٿيندا آھن. اھڙي طرح ماحول تي پوندڙ اثر جي ڪري توانائي مٿي سطح کان ھيٺي سطح ڏانھن رخ ڪري ٿي ۽ ماحول جي دٻاءَ ۾ بدلاءُ اچي ٿو. چنڊ جي ڪري ماحول جي دٻاءَ ۾ بدلاءَ جي ڄاڻ سڀ کان پھريون دفعو 1847 ۾ معلوم ڪئي وئي. چنڊ جي ڪشش ثقل جي ڪري زمين جي فضا ۾ بہ سمنڊ وانگر اُڀار ۽ بدلاءُ پيدا ٿئي ٿو. رائل ميٽرولوجيڪل سوسائٽي جي چيف ايگزيڪتيو لز بينٽلي چوي ٿو تہ  ماحول جي دٻاءَ ۾ تبديلي جو ڳاڍاپو گهڻي گرمي پد سان آھي  جنھن جو مطلب ھي آھي تہ ھوا جا مالڪيول پنھنجي اندر ٻاف جي صورت ۾ وڌيڪ پاڻياٽ رکي سگهن ٿا. جنھن سان زمين تي گهٽ پاڻياٽ ۽ مينھن جي گهٽتائي ٿئي ٿي ۽ ان جي ڪري ماحول ۾ دٻاءَ جي گهٽتائي جي ڪري ٿڌو ۽ گرم موسم پيدا ٿئي ٿو جڏھن تہ گهڻي دٻاءَ جي ڪري پرسڪون ۽ وڻندڙ موسم پيدا ٿئي ٿو. پر ماحول ۾ تبديلي جي ڪري بارش تي چنڊ جو اثر سج جي گرمي جي ڪري پيدا ٿيندڙ اثر سان گهٽجي وڃي ٿو. يونيورسٽي آف واشنگٽن ۾ ماحولياتي سائنس جي پروفيسر جان واليس چوي ٿو،سج ۽ چنڊ ھڪ ئي وقت تي چڪجڻ سان يا تہ چھ ڪلاڪ پھريان يا وري پوءِ جي مقابلي ۾ وڌيڪ بارش کي پيدا ڪري ٿو. ان جي ڪري چنڊ جي ڪشش سان مينھن جي مقدار ۾ نہ پر مينھن جي وقت ۾ فرق پوي ٿو. چنڊ جو اثر زمين تي ڪڏھن وڌيڪ تہ ڪڏھن گهٽ ٿئي ٿو پر ان جو زمين تي زندگي جي وجود لاءِ اھم ڪردار آھي. ڪجھ سائنسدانن جو خيال آھي تہ اھو چنڊ ئي آھي جنھن جي ڪري زندگي جو وجود قائم ٿيو. زمين جڏھن پنھنجي مدار ۾ ڦرندي آھي تہ چنڊ جي ڪشش ان کي برابر رکندي آھي جنھن جي ڪري اسان کي ھڪ پائيدار آب ۽ ھوا ملندي آھي. چنڊ جي نہ ھجڻ جي ڪري زمين پريشان ڪندڙ حد تائين لڏندي رھي ھا ۽ موسم، ڏينھن ۽ راتيون مختلف نظر اچن ھا. پر جن لھرن ممڪن طور تي زمين تي زندگي کي جنم ڏنو، اھي يقيني طور تي چنڊ کي اسان کان پري ڪري رھيو آھن. ھر سال چنڊ زمين تي پيدا ٿنيدڙ لھرن جي ڪري اسان کان چار سينٽي ميٽر پري وڃي رھيو آھي. زمين چنڊ جي مقابلي ۾ پنھنجي مادار تي جلديءَ سان ڦيرو کائي ٿي ان جي ڪري چنڊ جي ڪشش سان پيدا ٿيندڙ لھرن جواُڀار چنڊ کي زمين جي طرف وڌيڪ شددت سان ڌڪي ٿو ۽ چنڊ جي ان شددت جي ڪري ھي پنھنجي مدار کان ٿورو ھٺي وڃي ٿو ائين ان جو مدار وڏو ٿيندو رھي ٿو. ھي ائين ئي آھي جئين اھا ڪنھن پينگهي ۾ ويٺا ھجو، جيترو پينگهو تيز ھلندو اوھان کي اوترو ئي تيز محسوس ٿيندو تہ اوھان ٻاھر ڪرڻ وارا آھيو. ھن پوري ڪائنات ۾ چنڊ اسان جو ويجهي ۾ ويجهو ساٿي آھي ۽ ان کان سواءِ زمين بلڪل اڪيلي آھي.(هي مضمون بي بي سي تي شايع ٿيو جيڪو جاويد سولنگي سنڌيار لاءِ ترجمو ڪيو).

پهنجو تبصرو موڪليو