اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي دوري تي آيل برطانوي پرڏيهي وزير ڊومينڪ راب واضح ڪيو آهي ته اسين طالبان جي حڪومت کي تسليم نه ڪنداسين پر ساڻن رابطو رکڻ چاهيون ٿا اسانکي 15 هزار ماڻهن کي افغانستان مان ڪڍڻو آهي. هن پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ملاقات بعد گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته 3 ڪروڙ پائونڊ جي امداد جي پهرين قسط اڄ ئي افغانستان کي جاري ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته امدادي رقم پاڪستان لاءِ به هوندي. هڪ سوال تي هن چيو ته اسين ڏسنداسين ته طالبان ڪيل واعدن تي عمل ڪيترو ڪن ٿا. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته اسين چاهيون ٿا ته ڪشمير مسئلو ڪشميري عوام جي خواهش پٽاندڙ حل ٿئي، پاڪستان ۽ ڀارت کي ڪشمير مسئلي تي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. پاڪستان کي ريڊ لسٽ ۾ رکڻ بابت هن چيو ته اهو ٽيڪنيڪل مسئلو آهي جلد حل ٿي ويندو، سومر تي ميٽنگ ٿيندي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ ڪيترائي ڌڙا موجود آهن، سمورن ڌڙن کي گڏ کڻي هلڻ گهرون ٿا.شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ ڪو به فيورٽ ناهي، اسانجو معاملو مختلف آهي، ڪابل جو سڄو ڪاروبار وايا پاڪستان آهي، روز سرحد تي 20 کان 25 هزار ماڻهن جي اچ وڃ آهي، اسان پاڙيسري آهيون اسين حقيقت تي ٻڌل حڪمت عملي هيٺ هلي رهيا آهيون.










