سکر (بيورو رپورٽ)جيلن واري صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ وارن ٻن ريفرنسز جي ٻڌڻي دوران هڪ شاهد جو بيان رڪارڊ ڪرڻ بعد عدالت وڌيرڪ ٻڌڻي 6 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي . احتساب عدالت اعجاز جکراڻي خلاف ٻن ريفرنس جي ڌار ڌار ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران اعجاز جکراڻي ۽ ٻيا جوابدار پيش ٿيا. عدالت آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ريفرنس ۾ شاهد مولا بخش سومرو جو بيان قلمبند ڪري ورتو . عدالت ريفرنس جي شاهد جو بيان قلمبند ڪرڻ کانپوء اعجاز جکراڻي خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي 6 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي نيب اعجاز جکراڻي سوڌو 5 جوابدارن مٿان هڪ ريفرنس 74 ڪروڙ روپين جو داخل ڪرايو هو ۽ ٻئي ريفرنس ۾ اعجاز جکراڻي سميت 13 جوابدارن مٿان 36 ڪروڙ روپين جو قومي زخاني کي نقصان پهچائڻ جو الزام هو.










