سي ٽي ڊي سان مقابلي ۾ 3 افغاني دهشتگرد مارجي ويا

سي ٽي ڊي سان مقابلي ۾ 3 افغاني دهشتگرد مارجي ويا

لاهور(ويب ڊيسڪ) سي ٽي ڊي آپريشن ڪري ٽن افغان دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، ترجمان سي ٽي ڊي موجب دهشتگردن جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع تي لاهور جي علائقي فيروز والا ۾ ڇاپو هنيو ويو جتي دهشتگردي ڪرائي جي گهر ۾ رهيل هئا، اتي دهشتگرد حساس ادارن، سيڪيورٽي فورسز ۽ اهم شخصيتن کي ٽارگيٽ ڪرڻ جي رٿا بندي ڪري رهيا هئا، ترجمان جو چوڻ آهي ته ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هنيو ته دهشتگردن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن کانپوءِ سي ٽي ڊي اهلڪارن به فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، ترجمان موجب مارجي ويل ٽنهي دهشتگردن جو واسطو افغانستان سان آهي، دهشتگردن جي قبضي مان آپگهاتي جيڪٽس، 3 هينڊ گرنيڊ، 2 ڪلاشنڪوف ۽ ٻيو بارودي مواد به بر آمد ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو