گيلاني اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو)  پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ ايوان ۾ اپوزيشن اڳواڻ يوسف رضا گيلاني سينيٽ چيئرمين جي چونڊ بابت هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي.اپيل يوسف رصا گيلاني جي وڪيل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي. متن ۾ شامل آهي ته هاءِ ڪورٽ جي سنگل بيچ ٻڌڻي دوران حقيقتن جو جائزو ناهي ورتو. متن ۾ شامل آهي ته پاڪستان  جو آئين غيرقانونيت جي حوالي سان واضح آهي.غيرقانوني عمل جي تشريح عدالتون ڪري سگهن ٿيون. عدالت جو ڪم آهي ته غيرقانونيت تي نعم البدل فراهم ڪري اهڙن ڪيسن ۾ عدالت کي ووٽرن جي نيت کي ڏسڻو پوندو آهي. اپيل ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته انٽرا ڪورٽ اپيل منظور ۽ سنگل بينچ جو فيصلو رد ڪيو وڃي. ياد رهي ته 24 مارچ تي يوسف رضا گيلاني جي درخواست هاءِ ڪورٽ مان رد ڪئي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو