اليڪشن ڪميشن جي راڻا ثناء الله ۽ اويس لغاري کي وارننگ

خوشاب(ويب ڊيسڪ) پي پي 84 جي ننڍي چونڊ ۾ اخلاقي ضابطن جي ڀڃڪڙي تي ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر راڻا ثناء الله ۽ اويس لغاري کي وارننگ جاري ڪري ڇڏي.اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب راڻا ثناء الله ۽ اويس لغاري 6 اپريل تي پي پي 84 جي دوري جو پروگرام ٺاهي رکيو هو، ضابطه اخلاق موجب ڪو به حڪومتي عهديدار چونڊ تڪ جو دورو نٿو ڪري سگهي.ترجمان موجب پنجاب جي اليڪشن ڪمشنر آءِ جي پنجاب کي ٽيليفون تي هدايتون جاري ڪيون ته راڻا ثناء الله ۽ اويس لغاري کي تڪ ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو