ڊي ڪاڪ جو فخر سان ڌوڪو يا چالاڪي بحث جاري

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) فخر الزمان جي ڊبل سينچري مڪمل نه ٿيڻ ۽ ڏکڻ آفريڪا جي وڪٽ ڪيپر ڊي ڪاڪ پاران کيس دوکو ڏيڻ بابت ڪرڪٽ جي دنيا ۾ بحث جاري آهي ۽ سوشل ميڊيا تي طوفان برپا آهي. ڪي چون ٿا ته ڊي ڪاڪ چالاڪي ڪئي، ڪو چوي ٿو هن ڌوڪو ڪيو ۽ ڪرڪٽ قانون موجب کيس سز ملن گهرجي ۽ اها امپائرن جي غلطي آهي.پاڪستان 341 رنز چيز ڪري رهيو هو ۽ کاٻي هٿ سان اوپننگ بيٽسمين فخرالزمان جڏهن 192 رنز تي شاٽ کيڏي 2 رنز ٺاهي رهيو هو ته ان وقت بائونڊري تان ٿرو وڪٽ ڪيپر ڏانهن سڌو اچي وڪٽ ۾ لڳو ۽ فخر کي هڪ رن ملي ۽ هو 193 تي آئوٽ ٿي ويو. جڏهن هو ٻئي رن وٺي پيو ته وڪٽ ڪيپر ڊي ڪاڪ فخر کي ڌوڪو ڏيڻ لاءِ ۽ سندس ڌيان هٽائڻ لاءِ اسارو ڪيو ته ٿرو بالر اينڊ ڏانهن آهي، فخر ڪنڌ ورائي پوئتي ڏسي سلو ٿيو ته ڊائريڪٽ ٿرو وڪٽ ۾ لڳو.

ڪرڪٽ جي قانون 41.5.1 موجب جيڪڏهن ڪو فيلڊر ڄاڻي واڻي بيٽسمين سان ڌوڪو ڪري ته اهو بال ڊيڊ قرار ڏنو ويندو ۽ ٽيم کي ڏنڊ ۾ پنج رنز ملندا. جيڪڏهن اهو قانون لاڳو ٿئي ها ته فخرالزمان ناٽ آئوٽ هجي ها 2 رنز جيڪي هن ٺاهيون اهي به ملن ها ۽ 5 رنز ڏنڊ ۾ به ملن ها. فخر وڪيٽ تي هجي ها ۽ ميچ جي صورتحال ئي مختلف هجي ها پر هن ڪيس ۾ ايئن نه ٿيو. فخرالزمان پاڪستان جو پهريون رانديگر آهي جنهن 2018 م زمبابوي خلاف 210 رنز اسڪور ڪري ون ڊي ۾ پهريون پاڪستاني ڊبل سينچري ڪرن وارو رانديگر بڻيو هو. ان کان اڳ ۾ سعيد انور پهريون پاڪستاني هو جنهن ڀارت خلاف ون ڊي ۾ 194 رنز اسڪور ڪيون هيون. ڪرڪٽ جي دنيا ۾ ون دي م پهريون دفعو ڊبل سينچري ٽنڊولڪر ٺاهي هئي، ون ڊي ڪرڪٽ جي عالمي تاريخ ۾ 6 بيٽسمين آهن جن ڊبل سينچري اسڪور ڪئي، جن مان 3 ڀارت جا آهن، ٽنڊولڪر کانسواءِ روهت شرما 3 ڀيرا ۽وريندر سهواڳ به ڊبل سينچري ڪري چڪا آهن. نيوزيلينڊ جو گپٽل، ويسٽ انڊيز جو ڪرس گيل به ڊبل سينچري اسڪور ڪري چڪا آهن. ڇهون پليئر فخرالزمان آهي. فخر جو چوڻ آهي ته ڊي ڪاڪ جي غلطي ناهي هو حارث رئوف کي ڏسي رهيو هو جيڪو ليٽ ڀڳو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو