اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان نيوي جي ڪمانڊ ۽ اسٽاف ڪانفرنس ۾ ملڪي سلامتي جي صورتحال، خطي جي سيڪورٽي، نيوي جي ترقياتي منصوبن ۽ فورس جي ڀلائي وارين رٿائن تي تفصيلي غور ڪيو. نيول چيف ايڊمرل امجد خان نيازي جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي ڪندي سندن مڪمل حمايت ڪئي وئي. ڪانفرنس مختلف سعبن پاران تفصيلي بريفنگ ڏني وئي نيوي جي تربيت ۽ تياري بابت مختلف تجويزون آيون جن تي نيول چيف اطمينان جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ ڪووڊ جي صورتحال تي غور ڪيو ويو ۽ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪيو ويو. ياد رهي ته ڪمانڊ ۽ اسٽاف ڪانفرنس نيوي بابت فيصلا ڪرڻ جو وڏو فورم آهي. جنهن ۾ پرنسپل اسٽاف آفيسرز ۽ فيلڊ ڪمانڊر شريڪ ٿيندا آهن.










