تعليم سڀني لاء سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام شروع ڪيو ويو آهي

تعليم سڀني لاء سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام شروع ڪيو ويو آهي

اسلام آباد ( رپورٽ الله وسايو گهوٽو) تعليم سڀني لاء جي سري هيٺ سنڌ حڪومت ۽  آمريڪي اداري يو ايس ايڊ جي گڏيل سهڪار سان 169.2 ملين ڊالر جي لاڳت سان سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام (ايس بي اي پي ) تحت پروگرام شروع ڪيو ويو جنهن تحت سنڌ جي ڏهن ضلعن ۾ اسڪول جڙي ويا آهن اسڪولن جي تعمير لاء ايڪيااسي ملين ڊالرز جي رقم مختص ڪئي وئي جڏهن ته پروگرام مينجمنٽ اينڊ امپلي مينٽيشن لاء سنڌ حڪومت ڏه ملين ڊالرز جي رقم ڏني پروگرام تحت سنڌ جي پٺتي پيل ۽ ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ پرائمري مڊل ۽ سيڪينڊري اسڪولن ۾ شاگردن جي لاء سازگار ماحول مهيا ڪرڻ آهي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ٻارن کي مفت ۽ معياري تعليم جي فراهمي واري هن پروگرام تحت سنڌ جي ڏهن ضلعن سکر، خيرپور, لاڙڪاڻي , قمبر شهدادڪوٽ , دادو ،جيڪب آباد ,ڪشمو،ر ملير ڪراچي , ڪراچي ايسٽ ۽ ڪراچي ويسٽ ۾ اسڪول قائم ڪيا ويا آهن جتي جديد تعليمي نظام تحت شاگردن کي تعليم ڏني پئي وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو