باهه متاثرن ۾ مختيارڪار پاران تنبو ۽ امداد تقسيم

باهه متاثرن ۾ مختيارڪار پاران تنبو ۽ امداد تقسيم

نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ)ميڊيا تي خبرون ھلڻ کانپوء   مختيار ڪار مورو ڳوٺ بچل سابقي ۾ باھ متاثر ڳوٺاڻن وٽ پھتو متاثرن ۾ مڇر دانيون ٽينٽ ۽ ڪچن جو سامان ورھايو، 4ڏينھن اڳ ڳوٺ بچل سابقي  ۾ چلهه مان اٿيل چڻنگ مان گھرن کي باھ وڪوڙي وئي جنھن جي نتيجي ۾ گل شير؛مبين؛ سميت چئن پورھيتن جا گھر سامان ۽ چوپايو مال سڙي ويو  جنھن جي بروقت خبرون اخبارن ۽ ٽي وي چينلن تي ھلڻ  جو نوٽيس وٺندي مختيار ڪار مورو غلام شبير سھتو متاثر ڳوٺ بچل سابقي پھتو  ۾ جتي ھن باھ متاثرن ۾ مڇر دانيون؛ٽينٽ ۽ ڪچن جو سامان ورھايو ۽ ڳوٺاڻن کي يقين ڏياريو ته سرڪار طرفان توھان جي ڪجهه مالي سھائتا به ڪندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو