وفاق اليڪشن ڪميشن جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪري، سنڌڪابينا

وفاق اليڪشن ڪميشن جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪري، سنڌڪابينا

ڪراچي (رپورٽ باغي ساگر پنهوار)صوبائي ڪابينا هڪ قرارداد منظور ڪندي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، چيئرمين ۽ ميمبرن تي اعتماد جي تجويز پيش ڪئي ۽ وفاقي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته هوءَ اليڪشن ڪميشن کي پنهنجي آئيني ذميواريون نڀائڻ ۾ مداخلت نه ڪري. اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ اها قرار داد منظور ڪئي وئي. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، مشير قانون، چيف سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. وڏي وزير جي ميڊيا ڪنسلٽنٽ عبدالرشيد چنا جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته ڪابينا ۾ مختلف معاملن تي تفصيلي غور ويچار بعد اهم فيصلا ڪيا ويا.

ڪووڊ ماس ويڪسينيشن: سنڌ ڪابينا ڪووڊ ماس ويڪسينسيشن پروگرام ۾ خانگي اسپتالن ۽ ليبارٽريز کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ پرائيوٽ هيلٿ سيڪٽر کي ڪووڊ 19 ويڪسين درآمد ڪرڻ، هيومن ريسورسز کي مختص ڪرڻ ۽ خاص طور تي ڪراچي ۾ ويڪسينيشن سينٽر قائم ڪرڻ جي همٿ افزائي ڪئي آهي. اجلاس ڱي ٻڌايو ويو ته سائينوفارم ويڪسين جي پهرين کيپ وصول ڪرڻ ۾ صوبائي حڪومت پهرين مرحلي ۾ ڪورونا وائرس خلاف فرنٽ لائن هيلٿ ورڪرن کي لڳائڻ لاءِ پنهنجي ويڪسينشن مهم شروع ڪئي. تازو ئي 60 سالن کان مٿي واري عام آبادي لاءِ ويڪسينشن شروع ڪئي وئي آهي ۽ ايندڙ مرحلي ۾ 18 سالن کان مٿي لاءِ ويڪسينيشن شروع ڪئي ويندي، ان لاءِ صوبي جي هر مستحق رهائشي کي ويڪسينيشن ڏيڻ لاءِ صحت کاتي جي ڪوشش سان پرائيوٽ هيلٿ ڪيئر سيڪٽر جي سهولتن جي ضرورت پوندي. وڏي وزير چيو ته حڪومت کي انهي قومي فرض کي بهتر ۽ ڪارائتي نموني پورو ڪرڻ لاءِ ڪورونا وائرس ويڪسين درآمد ڪرڻ  ۽ شهرين کي رليف ڏيڻ ۽ ملڪ کي معمول موجب آڻڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ پبلڪ سيڪٽر جي عزم، صلاحيت ۽ قابليت جانچڻي آهي. ڪابينا صحت کاتي کي اجازت ڏني ته هو خانگي اسپتالن ۽ ليبارٽريز کي ڪوويڊ19 ماس ويڪسينيشن ۾ لڳائي ۽ پبلڪ هيلٿ سيڪٽر کي COVID-19 ويڪسين درآمد ڪرڻ لاءِ حوصلا افزائي ڪري. وڏي وزير صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن تحت رجسٽريشن ميڪانيزم سان گڏ انهي مقصد لاءِ ايس او پيز ٺاهيو وڃن ته جيئن هر شيءَ سميت ويڪسين جي قيمت ڪنٽرول ۾ رهي.

نرسون: ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (ايس پي ايس سي) 958 اهل اميدوارن (مرد ۽ عورت) جي فهرست موڪلي هئي ۽ اسٽاف نرس (بي ايس 16) جي عهدي تي مقرر ٿيڻ جي سفارش ڪئي هئي. انهن جي تقرري کانپوءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن 9 نرسن جي هڪ لسٽ موڪلي آهي جن ۾ ڇهن اميدوارن جي پاڪستان نرسنگ ڪائونسل سرٽيفڪيٽ جي تاريخ ختم ٿيڻ کانپوءِ جي هئي جڏهن ته ٽن ٻين اميدوارن جا پي اين سي سرٽيفڪيٽ منسلڪ نه هئا. وڏي وزير صحت کاتي کي ھدايت ڪئي ته انهن جا آرڊر واپس نه ڪيا وڃن ۽ نه ئي ختم ڪيو وڃي پر انهن جي آرڊر کي معاهدي ۾ تبديل ڪيو. ڪابينا وڏي وزير جي هدايت جي منظوري ڏني.

وراثتي سرٽيفڪيٽ: ڪابينا کي آگاهي ڏني وئي ته جنوري 2021 ۾ اسيمبلي گڏيل قانون جي منظوري لاءِ ايڊمنسٽريشن ۽ سڪسيشن سرٽيفڪيٽ بل 2021 جو مسودو گورنر ڏانهن موڪليو ويو ۽ گورنر ڪجهه اعتراض لڳائي بل واپس ڪيو آهي. گورنر جي راءِ آهي ته جيڪڏهن وراثتي سرٽيفيڪيٽ لاءِ سڀني قانوني وارثن جي بائيوميٽرڪ تصديق جي ضرورت آهي جيڪو قانوني وارثن لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪندو. ڪابينا گورنر جي راءِ کي نظر ۾ رکندي بل تي نظرثاني ڪرڻ لاءِ ڪميٽي حوالي ڪيو.

ڪي ڊي اي کي قرض گرانٽ: لوڪل گورنمينٽ کاتي، ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي (ڪي ڊي اي) جي رهتن جي ادائيگي لاءِ 844.159 ملين رپين جي قرض جي منظوري لاءِ ڪابينا کان درخواست ڪئي جيڪا ڪي ڊي اي جي پلاٽن جي نيلامي کانپوءِ واپس ڪئي ويندي. وڏي وزير چيو ته ڪي ڊي اي ، لوڪل باڊيز ۽ مارڪيٽ ڪميٽيون خودمختار ادارا آهن ۽ اهو کين پگهارون، گريجوئيٽي ۽ پينشن لاءِ هڪ نظام آهي جيڪو انهن پنهنجن وسيلن سان رٽائر ٿيندڙ يا رٽائرڊ ملازمن کي ادا ڪرڻ لاءِ جوڙيو آهي. هن سوال ڪيو ته ڇو باڊيز پنهنجي مالي نظم و ضبط کي ناڪام ڪرڻ يا برقرار رکڻ ۾ فيل آهي ۽ اهي صوبائي حڪومت کي درخواست ڪندا رهندا آهن ته کين پينشن جي ادائيگي ۾ مدد ڪئي وڃي. وڏي وزير سوال ڪيو ته انهن جو پينشن فنڊ ڪٿي آهي ۽ ان ۾ هنن ڪيئن سيڙپڪاري ڪئي آهي ۽ انکي استعمال ڪيو آهي؟ ڪابينا وڏي وزير جي سوالن کي نظر ۾ رکندي مڪاني کاتن جي وزير سيد ناصر شاهه جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي آهي ۽ ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ اسماعيل راهو، سعيد غني، امتياز شيخ ۽ مرتضيٰ وهاب شامل آهن جيڪي ڪي ڊي اي، ڪي ايم سي، ڊي ايم سي، ٻين لوڪل باڊيز، مارڪيٽ ڪميٽي ۽ ٻين اهڙين تنظيمن جا پينشن فنڊ چيڪ ڪندي ته انهن ڪهڙي سيڙپڪاري ڪئي آهي ۽ اهي ڇو اهڙي شديد مالي بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن. جانچ ڪرڻ کانپوءِ ڪميٽي ڪابينا کي رپورٽ ڪندي. آرگنائيزيشن جيڪي غير اخلاقي دٻاءُ هيٺ هيون انهن جي نشاندهي به ڪئي ويندي ۽ ”سرپلس پول“ تجويز ڪئي ويندي ته جيئن انهن کي ڪنهن ٻئي هنڌ لڳائي سگهجي.

ايس بي سي او تحت خاص عدالتون: صوبائي ڪابينا نومبر 2019 ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول آرڊيننس (SBCO 1979) تحت ڊويزنل هيڊ ڪوارٽر ۾ خاص عدالتون لڳائڻ جي منظوري ڏني هئي. ڪابينا سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي تجويز تي اتفاق ڪندي منظور ڪري ورتو ته ڪراچي ڊويزن ۾ ضلعن جا سيشن ۽ سيشن ججز انهن کان علاوه انهن جي لاڳاپيل ضلعن ۾ ڪم ڪندڙ اختيارين کي پنهنجن علائقائي حدن اندر رهندي پنهنجو دائرو استعمال ڪرڻ جا پاور آهن؟ جيئن ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول آرڊيننس 1979 تحت خاص عدالتن جي ججن پاران آهن. حيدرآباد، سکر، شهيد بينظير آباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن جي ڊويزنل هيڊڪوارٽرن تي مقرر ضلعي ۽ سيشن جج پنهنجي فرضن کان علاوه انهن جي حدن اندر پڻ ججمينٽ طور ڪم ڪندا ڇاڪاڻ ته SBCO 1979 تحت خصوصي عدالتن جي ججن وٽ اختيار آهن.

گھٽ قيمت تي رهائشي منصوبا: صوبائي ڪابينا، هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن ۽ ڊيولپمينٽ لاءِ نيشنل ڪورآڊينيشن ڪميٽي جي سفارش تي گهٽ قيمت تي رهائشي منصوبن لاءِ قرض تي رجسٽريشن جي فيس کي گهٽائڻ لاءِ گروي جي فيس ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏني. منظور ٿيل پروپوزل تحت گروي لاءِ هڪ ملين لاءِ 1500 رپيا، 1 ملين کان 5 ملين رپن تائين 3000 رپيا ۽ 5 ملين رپين کان مٿي لاءِ 10 هزار رپيا هوندي.

امن هيلٿ ڪيئر: صحت کاتي جي درخواست تي صوبائي ڪابينا امن هيلٿ ڪيئر سروسز لاءِ سنڌ ريسڪيو ۽ ميڊيڪل سروسز جي ڪمن کي جاري رکڻ لاءِ جنوري 2021 کان جون 2021 تائين امن هيلٿ ڪيئر سروسز جي حق ۾ 300 ملين رپين جي گرانٽ ان ايڊ جي منظوري ڏني.  ڪابينا صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته نئين ڪمپني کي رجسٽر ڪيو وڃي ته جيئن فنڊنگ جا مسئلا آساني سان حل ٿي سگهن.

قبرستان: صوبائي ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته دائود بورڊ آف ڪميونٽي کي کين قبرستان لاءِ گڏاپ ويجهو 7.5 ملين رپين جي حساب سان 20 ايڪڙ زمين ڏني وڃي. بوهرا برادري وڏي وزير کي درخواست ڪئي هئي ته ان جا ڪيترائي ميمبر سپر هاءِ وي ڏانهن هليا ويا آهن تنهنڪري انهن کي قبرستانن لاءِ زمين ڏني وڃي. روينيو کاتي وٽ ديهه بوائل تعلقو گڏاپ ملير، ڪراچي وٽ 20 ايڪڙ زمين آهي جنهن جي پرائس فڪسيشن ڪميٽي مارڪيٽ اگهه جي حساب سان 1.5 ملين رپيا مقرر ڪئي آهي. ڪابينا زمين جي استعمال تي غور ڪندي مارڪيٽ اگهه تي 50 سيڪڙو زمين الاٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. وڏي وزير چيو ته ٻين برادرين به پنهنجي قبرستانن لاءِ زمين جي درخواست ڪئي آهي. هن بورڊ آف روينيو کي هدايت ڪئي ته ٻين پارٽين لاءِ ساڳي ريت پلاٽ ڳولي ته جيئن انهن کي به جلد کان جلد الاٽ ڪيو وڃي.

ملٽري لينڊ: سنڌ ڪابينا، فوجي اختيارين جي درخواست تي ملٽري لينڊ کي ڪراچي اسٽريٽجڪ ڊولپمينٽ پلان (ڪي ايس ڊي پي) 2020 کان ڌار ڪري ڇڏيو آهي. ڪي ايس ڊي پي ٻاهران ملٽري لينڊ 300 ايڪڙ ريس ڪورس گرائونڊ، صدر ڪينٽ ۽ ڪيپري سينيما جي ڀرسان 15 ايڪڙ فوجي زمين شامل آهي.

گروپ انشورنس: ڪابينا کي آگاهي ڏني وئي ته صوبائي حڪومت سرڪاري ملازمن جي قانوني وارثن کي گروپ انشورنس فراهم ڪري رهي آهي جيڪي پنهنجي ملازمت دوران يا 5 سال رٽائرمينٽ يا 65 ورهين جي عمر تائين لاڏاڻو ڪري ويا. پاليسي هي آهي ته سرڪاري ملازمن ۽ انهن جي خاندانن جي فلاح جو خيال رکيو وڃي خاص طور تي جيڪي هڪ ڀيرو سرڪاري نوڪريءَ ڪرڻ کانپوءِ زنده نه رهندا آهن. ان ڏس ۾ حڪومت گروپ انشورنس پاليسي کي اهڙي ريت ترتيب ڏنو آهي ته گريڊ BS-1 کان BS-22 تائين سڀئي ملازم پگهارن مان هر مهيني ننڍي رقم ادا ڪن ۽ موٽ ۾ فوت ٿيندڙ ملازمن جي قانوني وارثن کي هڪ گرانٽ ڏني ويندي. ڪابينا کي آگاهي ڏني وئي ته پهرين جولاءِ 2015 کان جون 2018 تائين سنڌ حڪومت ۽ اسٽيٽ لائف انشورنس ڪارپوريشن (SLIC) جو معاهدو ختم ٿي چڪو آهي. ان ڪري ناڻي کاتي ڪابينا کي درخواست ڪئي ته هو جولاءِ 2017 کان جون 2023 تائين معاهدي کي وڌائڻ جي منظوري ڏئي. ڪابينا صوبائي ويلفيئر بورڊ جي سفارش تي SLIC سان 7.43 رپيا في 1000 ملازمن جي شرح واري  معاهدي جي تجديد جي منظوري ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو