ڪراچي(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پاپولر سوشل ميڊيا اڪائونٽس وارن کي ڊجيٽل ايڊورٽائيزمينٽ پاليسي هيٺ اشتهار ڏيڻ لاءِ مسودو تيار ڪري ورتو آهي جنهن جي منظوري بعد، ويب سائيٽس، يو ٽيوب، انسٽا گرام ۽ فيسبڪ سميت مختلف اڪائونٽس تي اشهار جاري ٿيندا. ڊان اخبار جي هڪ رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ 9 ڪروڙ 30 لک کان مٿي انٽرنيٽ اڪائونٽ آهن ۽ ساڍا چار ڪروڙ کان مٿي سوشل ميڊيا اڪائونٽس آهن. جن اڪائونٽس جا سبسڪرائيبر يا فالوئرز وڌيڪ هوندا ۽ مقرر مدت اندر ان جا ويوز وڌيڪ هوندا انهن کي ترجيح ڏني ويندي. حڪومت ڊيٽا مانيٽر ڪرڻ لاءِ ٿرڊ پارٽي ٽول استعمال ڪندي جيڪو اليڪسا ۽ گوگل اينالٽڪس ٽائپ هوندو. پاڪستان ۾ پرنٽ ميڊيا جي سرڪيوليشن گهٽجي رهي آهي ان ڪري آن لائن ۽ ڊجيٽل ميڊيا جو ٽرينڊ وڌي رهيو آهي. ياد رهي ته 2019 ۾ پاڪستان ۾ سرڪاري اشتهارن جي بجٽ ساڍا ڏهه ارب هئي جيڪا 2020 ۾ وڌي 13 ارب 65 ڪروڙ ٿي وئي هئي. جنهن ۾ هلندڙ سال اڃا به واڌ ممڪن آهي. پاليسي منظوري جي آخري مرحلي ۾ آهي.










