اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)حڪومتي اميدوار صادق سنجراني ٻيهر چيئرمين سينيٽ چونڊجي ويو آهي ، جڏهن ته مخالف اميدوار يوسف رضا گيلاني هارائي ويو آهي.چيئرمين سينيٽ جي چونڊ ۾ صادق سنجراني 48 ووٽ ۽ يوسف رضا گيلاني 42 ووٽ حاصل ڪيا ، جڏهن ته 8 ووٽ رد ڪيا ويا. 7 ووٽ يوسف رضا گيلاني جي نالي تي ٺپو هڻن سبب رد ٿيا. جنهن سبب اهي ووٽ رد ڪيا ويا جڏهن ته هڪ ووٽر ٻنهي اميدوارن جي نالن جي سامهون مهر لڳائي.صادق سنجراني چيئرمين سينيٽ چونڊجڻ کانپوءِ پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي. ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جي چونڊ ۾ حڪومتي اميدوار مرزا محمد آفريدي کي 54 ووٽ ۽ مولانا حيدري کي 44 ووٽ مليا ۽ ڪو به ووٽ ضايع نه ٿيو. اپوزيشن جي ميمبرن حڪومت کي ووٽ ڏنا. بعد ۾ آهسن اقبال، راجا پرويذ اشرف ۽ قمرالزمان ڪائره چيو ته سينيٽ رولز موجب اميدوار جي خاني ۾ ووٽ ڏيڻو آهي، جيڪا هدايت لکت ۾ ڏني آهي ان ۾ به اها ڳالهه لکيل آهي پر بيلٽ پيپر ۾ لکيل آهي ته نالي جي سامهون ٺپو هڻڻو آهي. نالي ته ناهي هڻنو. فاروق نائڪ چيو ته اها سيڪريٽريٽ جي غلطي آهي ان جي سز اسانکي نٿا ڏئي سگهو.










