اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بيرسٽر سيف پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي. وزيراعظم سان ملاقات ۾ بيرسٽر سيف عمران خان تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو.وزيراعظم عمران خان سان بيرسٽر سيف جي ملاقات جي موقعي تي وفاقي وزير فواد چوڌري به موجود هو. بيرسٽر سيف بطور سينيٽر سڀاڻي رٽائرڊ ٿي رهيو آهي. بيرسٽر سيف جو تعلق ايم ڪيو ايم سان هو. وزيراعظم سان ملاقات دوران بيرسٽر سيف ايم ڪيو ايم ڇڏڻ ۽ تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ جي فيصلي کان آگاهه ڪيو. بيرسٽر سيف بطور سينيٽر سڀاڻي رٽائرڊ ٿي رهيو آهي ۽ ان جو تعلق ايم ڪيو ايم سان آهي.واضح رهي ته بيرسٽر سيف پنهنجي سياست جي شروعات اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي پارٽي اي پي ايم ايل کان ڪيو. پر 21 ڊسمبر 2012ع تي ذاتي سببن جي آڌار تي اي پي ايم ايل کان استعيفي ڏئي نومبر 2013 تي ايم ڪيو ايم ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي ۽ ان وقت جي ايم ڪيو جي ڊپٽي ڪنوينر فاروق ستار سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته ايم ڪيو ايم وچولي طبقي جي حقيقي نمائنده پارٽي آهي هي روايتي پارٽي ناهي پر هڪ حقيقي تحريڪ آهي ان لاءِ منهنجي لاءِ ايم ڪيو ايم کان بهتر ڪوبه سياسي پليٽ فارم نه هو.










