ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ 39 ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز جي بدلين ۽ مقررين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، رجسٽرار عبدالرزاق جي صحيح سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي ايسٽ جو ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج منظور علي خميساڻي کي سکر بدلي ڪيو ويو ۽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سلطان لغاري حيدرآباد ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، ٺٽي جي جج ارشاد حسين کي ڪراچي ايسٽ بدلي ڪيو ويو، گهوٽڪي جو ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج قمر الدين عباسي نوشهروفيروز ۽ خيرپور جو ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج خالد شيخ جي بدلي گهوٽڪي ڪئي وئي، ٽنڊو محمد خان، دادو، مٽياري، بدين ۽ ٻين ضلعن جا به ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز جي بدلي ڪئي وئي، چيف جسٽس جي هدايت تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار بدلين ۽ مقررين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. وڌيڪ تفصيل ڏسڻ لاءِ هن لنڪ تي ڪلڪ ڪريو.










