ملڪ زرداري يا نواز شريف جي ارب پتي ٿيڻ لاءِ نه ٺهيو، خان

ملڪ زرداري يا نواز شريف جي ارب پتي ٿيڻ لاءِ نه ٺهيو، خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)  وزيراعظم قومي اسيمبلي ۾ اعتماد جو اظهار ڪرڻ تي پارٽي جي ايم اين ايز ۽ اتحادين جا ٿورا مڃيا، قومي اسيمبلي ۾ اعتماد جو ووٽ ملڻ بعد خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سينيٽ اليڪشن ۾ هارس ٽريڊنگ ٿي، سينيٽ اليڪشن ۾ حفيظ شيخ جي شڪست کانپوءِ اتحادي به مايوس ٿي ويا هئا، مون کي هڪ ٽيم نظر آئي ته خوشي ٿي، ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏيڻ تي اتحادين جا ٿورا مڃان ٿو، پاڪستان هڪ عظيم مقصد لاءِ ٺهيو هو، اُسان کي اُن مقصد ۽ نظرئي ڏانهن پنهنجا رُخ تبديل ڪرڻا آهن، پاڪستان اِن لاءِ نه ٺهيو ته شريف ۽ زرداري ارب پتي بڻجي وڃن .هن چيو ته يوسف رضا گيلاني قوم جي زرادري پاران لٽيل 60 ملين ڊالر سوئزرلينڊ مان گهرائڻ لاءِ خط نه لکڻ تي نا اهل ٿيو، هي ڪو نيلسن منڊيلا ٿورئي هو. هو ته پاڪستان جو ڪرپٽ ترين ماڻهو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو