اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سينيٽ جي چونڊ ۾ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي بعد پارليمان ۾ موجود پي پي ڪارڪنن نعريبازي شروع ڪئي، پارليمان جيئي ڀٽو، وزيراعظم بلاول جي نعرن سان گونجي پيو، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ووٽ ڏيڻ بعد هليو ويو، بلاول آخر تائين ويٺو رهيو. هوڏانهن مريم نواز چيو آهي ته ووٽ چور حڪومت ڇوڙ، عمران اڪثريت وڃائي چڪو هي نتيجو مٿس عدم اعتماد آهي.










