امريڪا هڪٻئي ويڪسين جي به منظوري ڏئي ڇڏي

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) امريڪي فوڊ ۽ ڊرگ ريگوليٽري اداري ايف ڊي اي جونسن اينڊ جونسن جي تيار ڪيل ويڪسين جي استعمال جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اداري پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته محفوظ ڪلينيڪل ٽرائلز بعد ماهرن اتفاق راءِ سان ان جي منظوري ڏني. جنهن بعد هي امريڪا پاران منظور ڪيل ٽئين ويڪسين آهي. جونسن اينڊ جونسن 40 لک ڊوز جلد مفت فراهم ڪندي. هن ويڪسين جو 18 سالن کان مٿي جي عمر وارن کي هڪ ڊوز ڪافي هوندو. هي ويڪسين ريفريجريٽر ۾ خاص ٽيمپريچر تي ڪيترن مهينن تائين رکي سگهبي. اڳ ۾ منظور ڪيل ويڪسين جا ٻه ڊوز ڏنا ويندا آهن ۽ ڪجهه هفتن تائين انهن کي رکي سگهجي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو