عدالت پارليامينٽ جا اختيار استعمال نه ڪندي،چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پارليامينٽ جو متبادل نه آهي، رياست جي هر اداري کي حدن ۾ رهي پنهنجو ڪم ڪرڻو آهي، اسان پارليامينٽ جو اختيار پنهنجي هٿ ۾ نه کڻنداسين، سپريم ڪورٽ ۾ سينيٽ چونڊن بابت صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته صدارتي ريفرنس ۾ جيڪي سوال پُڇيا ويا آهن، عدالت اُنهن جو ئي جواب ڏيندي، پارليامينٽ فيصلو ڪندي ته سينيٽ چونڊن ۾ ڳجهي ووٽنگ ٿئي يا نه، آئين چوي ٿو ته ڳجهي ووٽنگ ٿيندي ته ڳجهي ووٽنگ ٿيندي، ڳالهه ختم، عدالت طئه ڪندي ته سينيٽ چونڊن تي آئين جو آرٽيڪل 226 لاڳو ٿئي ٿو يا نه، ٻڌڻي دوران رضا رباني چيو ته سينيٽ چونڊن دوران ووٽر پنهنجي ووٽ وارو راز ٻئي ميمبر سان شيئر ڪري سگهي ٿو، پر رياست سان شيئر نٿو ڪري سگهي، ووٽ سڃاڻپ جوڳو بڻايو ويو ته اهو راز نه رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو