سينيٽ چونڊ کليل ڪرائڻ بابت سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي جاري

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) سياسي مامرن ۾ سمجهوتا ٿيندا آهن، سينيٽ چونڊن ۾ ڪنهن ميمبر کي ووٽ ظاهر ڪرڻ لاءِ مجبور نٿو ڪري سگهي، سپريم ڪورٽ ۾ سينيٽ چونڊن بابت صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي دوران رضا رباني جا دليل، چيف جسٽس گلزار احمد پڇيو ته ٻڌايو ته سينيٽ چونڊون آئين موجب ٿينديون آهن يا قانون موجب، رضا رباني دليل ڏيندي چيو ته سينيٽ چونڊون آئين جي آرٽيڪل 226 تحت ٿينديون آهن، رضا رباني کانپوءِ پيپلز پارٽي جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ دليل ڏيندي چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ مخصوص سيٽس تي اليڪشن نه سليڪشن ٿيندي آهي، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته آئين ۾ استعمال ٿيل لفظ اليڪشن کي غلط نه سڏيو، چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته پارٽيز فيصلو ڪيئن ٿيون ڪري سگهن ته ميمبرز ڪنهن کي ووٽ ڏيندو، ڇا پارٽيز وٽ اجلاسن جا منٽس هوندا آهن. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته قانون ۾ جيڪو به لکيل آهي ان تي نيڪ نيتي سان عمل ڪرڻو پوندو آهي، قانون مڪمل طور تي معصوم ۽انڌو هوندو آهي، قانون تي بدنيتي سان عمل ٿئي ته مسئلا جنم وٺندا آهن. چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي، ان دوران اٽارني جنرل پاڪستان خالد جاويد، صوبائي نمائندا ۽ درخواست گذار پيش ٿيا. چيف جسٽس اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان جو ۽ آئرلينڊ جو آئين هڪجهڙو آهي، آئرلينڊ ۾ به چونڊ ڳجهي بيلٽ ذريعي ٿيندي آهي، ان تي اوهان جو موقف ٻڌڻ چاهيون ٿا، آئرش سپريم ڪورٽ جو فيصلو به ان معاملي تي موجود آهي، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته آئرلينڊ جي پارليامينٽ جا ٻه ايوان آهن، آئرلينڊ ۾ لوئر هائوس جي چونڊ پاپولر ووٽ سان ٿيندي آهي، پاپولر ووٽ ڳجهو هوندو آهي، ووٽرز جو حق ڪڏهن به اوپن ناهي هوندو.آئرش سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ شهري ووٽ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي، پاڪستان ۾ شهري جو ووٽ ڳجهو هوندو آهي. مٿئين ايوان جي چونڊ سڌي ريت ناهي ٿيندي. ان موقعي تي پ پ جي وڪيل رضا رباني چيو ته رولز صدارتي چونڊن لاءِ ڪمشنر کي هدايتون جاري ڪرڻ جو اختيار ڏئي ٿو، شيڊول 2 جي باوجود صدارتي چونڊن لاءِ رولز ٺاهيا ويا، اهو ٻڌائڻ جو مقصد آهي ته سينيٽ چونڊ به آئين تحت ٿيندي آهي. جنهن تي جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته اهي رولز آئين تحت ٺهيل آهن، رولز صدارتي چونڊن جو اختيار ڏين ٿا، اليڪشن ايڪٽ تحت ٺهيل رولز جي حيثيت آئيني ناهي، سينيٽ اليڪشن جو مڪمل طريقيڪار آئين ۾ ناهي قانون ۾ آهي. رضا رباني چيو ته سينيٽ ڪڏهن به ٽوڙي ناهي ويندي پر ميمبر رٽائر ٿيندا آهن، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته قانون ۾ جيڪو به لکيل آهي ان تي نيڪ نيتي سان عمل ڪرڻو هوندو آهي، قانون مڪمل طور تي معصوم ۽ انڌو هوندو آهي پر قانون تي بدنيتي سان عمل ٿئي ته مسئلا جنم وٺندا آهن. متناسب نمائندگي بابت دليل ڏيندي رضا رباني چيو ته متناسب نمائندگي جو اهو مطلب ناهي ته اسيمبلي جي اڪثريت سينيٽ ۾ به ملي، متناسب نمائندگي نظام تحت سيٽن جو تعداد گهٽجي به سگهي ٿو، جتي ووٽن جي خريد و فروخت ٿيندي قانون پنهنجو رستو ٺاهيندو. ثبوتن کانسواءِ سيٽن جي تعداد ۾ فرق کي ووٽ جو وڪرو نٿو چئي سگهجي، بيلٽ پيپرز جي رازداري متاثر نه ٿئي ته اليڪشن ڪميشن ووٽن جو جائزو وٺي سگهي ٿو. جسٽس اعجازالاحسن چيو ته اهڙو طريقو ٻڌايو ته ووٽ ڏسي به سگهجي ۽ رازداري به متاثر نه ٿئي جنهن تي رضا رباني چيو ته رشوت وٺڻ يا وٺڻ لاءِ آمادگي ظاهر ڪرڻ ووٽ ڏيڻ جو پهريون مرحلو آهي ووٽ لاءِ پئسا وٺندڙ ووٽنگ کان اڳ ڪرپشن ڪري چڪو هوندو آهي، ڪرپشن ووٽنگ کان اڳ ٿيندي آهي ته ان لاءِ ووٽ ڏسڻ جي ضرورت ناهي. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته جيڪڏهن معاهدو ٿئي ته اڌ رقم ووٽ ڏيڻ بعد ملندي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ووٽ ڏيڻ ثابت ٿيندو ته پوءِ ئي معلوم ٿيندو رقم اليڪشن لاءِ ڏني وئي، چيف جسٽس چيو ته اليڪشن اتحاد جي گنجائش سياسي جماعتن ۾ سدائين رهندي آهي، عوام جو حق آهي ته سينيٽ اليڪشن شفاف ۽ ڪرپشن کان پاڪ ٿئي، ڪنهن کي سينيٽ چونڊ جي شفافيت تي اعتراض ناهي، اختلاف راءِ صرف سينيٽ اليڪشن کي شفاف بڻائڻ جي طريقيڪار تي آهي.رضا رباني چيو ته ڪير پئسا وٺندي پڪڙيو ويو ته ڪي ثبوت به هوندا، جسٽس اعجازالاحسن چيو ته جتي وڊيو اچي چڪي آهي اتي ڪا ڪارروائي ٿيندي؟ چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪي ماڻهو ڪنڊ ۾ بيهي ڳالهائيندا شاهد ڪٿان ايندا؟ اهڙو ڪو نظام ناهي ته معلوم ٿي سگهي ڪنهن کي ڪنهن ووٽ ڏنو؟ جنهن تي رضا رباني چيو ته آئين ووٽ ڏيندڙ جي سڃاڻپ ظاهر ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته رشوت ووٽ سان جڙيل آهي ته پوءِ ان جو جائزو ڪيئن نٿو وٺي سگهجي؟رضا رباني چيو ته رشوت ڪنهن کي ووٽ نه ڏيڻ لاءِ به ڏئي سگهجي ٿي، جيڪو پئسا ئي ووٽ نه ڏيڻ لاءِ وٺي ته اهو ڪيئن پڪڙجي سگهندو؟ صرف ووٽ ڏيڻ نه پر رقم وٺڻ به ڏوهه آهي. جنهن تي جسٽس اعجازالاحسن چيو ته ووٽ ئي نه ڏنو وڃي ته سڃاڻپ جي ضرورت ناهي ڪير ووٽ نه ڏئي ته پئسا وٺڻ ثابت ڪرڻو پوندو. رضا رباني چيو ته عدالت سامهون سوال سينيٽ اليڪشن جي آرٽيڪل 226 جي اطلاق جو آهي، آئون سڀاڻي پنهنجا دليل ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس، ان موقعي تي فاروق نائيڪ چيو ته آئون پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي وڪالت ڪندس، اٽارني جنرل بار ڪائونسلز جا دليل نه ٻڌڻ جي استدعا ڪئي جيڪا عدالت رد ڪري ڇڏي، اٽارني جنرل چيو ته اڄ ڪيس مڪمل نه ٿيو ته 3 مارچ تي سينيٽ چونڊ نه ٿي سگهندي، عدالت هدايت ڪندي رضا رباني ۽ فاروق نائيڪ کي اڄ اڌ ڪلاڪ ۾دليل مڪمل ڪرڻ جو وقت ڏنو، عدالت چيو ته نواز ليگ جي بيرسٽر ظفرالله کي به اڌ ڪلاڪ جو وقت ڏنو ويندو، ان بعد عدالت ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو