ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) سينيٽ جون چونڊون ويجهيون ايندي ئي پي ٽي آءِ جي اڳواڻن جي ڪاوڙ ظاهر ٿيڻ جو سلسلو به تيز ٿي ويو آهي. هاڻ بلوچستان اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي پارلياماني اڳواڻ سردار يار محمد رند کي ڪاوڙ ياد آئي آهي ۽ هن نه رڳو بلوچستان جي وڏي وزير کانسواءِ وزيراعظم عمران خان سان به ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. ان باري ۾ هن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان، سينيٽ جو چيئرمين صادق سنجراڻي ۽ بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال وقت ئي نه ٿا ڏين. هن هڪ بيان ۾ چيو ته ڪابينا جو ميمبر هجڻ باوجود وزيراعظم عمران خان ملاقات لاءِ پنج منٽ نه ٿو ڏئي. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ ۾ وڃي بلوچستان جي حقن جو تحفظ ڪرڻ وارو خواب پورو نه ٿي سگهيو. سينيٽ سيٽ لاءِ 70 ڪروڙن جو اگهه هلي رهيو آهي ۽ عبدالقادر جهڙن ماڻهن کي ٽڪيٽون ملي وڃن ٿيون جيڪي پارٽي ۾ آهن ئي ڪونه، هن چيو ته صادق سنجراڻي جي سينيٽ چيئرمين طور ڪردار کي بلوچستان ۾ پسند نه ٿو ڪيو وڃي. 3 مارچ جي تاريخ فيصلائتي تاريخ آهي ان جا رڳو بلوچستان نه پر پاڪستان جي سياست تي تمام گهرا اثر پوندا.










